ڪوٽ غلام محمد (رپورٽ ياسر ساسي)ڪوٽ غلام محمد شهر ۾ ائيس جو ڪارو ڪاروبار سرعام ڪوٽ غلام محمد جي وارڊ نمبر 05 ۾ هاشمي مسجد ڀرسان ڪرائي جي جاءِ تي رهندڙ سامارو کان ايل عمران ولد امان ڀرڳڙي پاران مبينا طور تيز ڌار ڇري سان پنهنجو ڳلو ڪپي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.ذريعن موجب عمران پنهنجي گهرواري کان آئس جي نشي لاءِ پئسا گهريا، پر پئسا نه ملڻ تي مبينا طور انتهائي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ان حوالي سان وڊيو ثبوت پڻ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ پئسن جي گهر ڪرڻ بابت صورتحال ظاهر ٿئي ٿي.واقعي بعد کيس ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد منتقل ڪيو ويو، جتان شروعاتي طبي امداد بعد وڌيڪ علاج لاءِ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.سوال اهو آهي ته ڪوٽ غلام محمد ۾ آئس جو نشو ڪير پيو هلائي؟ نوجوان نسل کي تباهيءَ ڏانهن ڌڪيندڙ عنصرن خلاف پوليس ۽ لاڳاپيل ادارا ڪڏهن عملي قدم کڻندا؟آئس جو نشو رڳو هڪ فرد نه، پر پوري خاندان جي زندگي تباهه ڪري سگهي ٿو. لاڳاپيل اختيارين کي گهرجي ته معاملي جي شفاف جاچ ڪري نشي جي وڪري ۽ استعمال خلاف سخت ڪارروائي ڪن.
عمران پنهنجي گهرواري کان آئس جي نشي لاءِ پئسا گهريا، پر پئسا نه ملڻ تي مبينا طور انتهائي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪئي. ان حوالي سان وڊيو ثبوت پڻ سامهون آيو آهي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
