• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد ۾ ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان، 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي

admin
Last updated: July 4, 2026 10:27 am
admin
Share
SHARE

حيدرآباد (رپورٽ: محبوب حسين بوزدار): گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي حيدرآباد جي ماتحت اداري، گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد ۾ ليڪچرار (بي پي ايس-17) جي خالي جاين تي ڀرتي لاءِ لکت وارو امتحان ڇنڇر تي شفاف، پرامن ۽ منظم ماحول ۾ ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو.

يونيورسٽي ترجمان موجب مختلف تدريسي شعبن ۾ موجود خالي جاين لاءِ منعقد ڪيل امتحان ۾ لڳ ڀڳ 1,500 اميدوارن شرڪت ڪئي. امتحان انگريزي، فزڪس، ڪيمسٽري، ڪمپيوٽر سائنس، رياضي، باٽني، زوالاجي، سنڌي، اردو، پاڪستان اسٽڊيز ۽ اسلاميات سميت مختلف مضمونن جي ليڪچرار جي جاين لاءِ ورتو ويو.

ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر معظم علي خان چيو ته ليڪچرار جي خالي جاين لاءِ لکت وارو امتحان يونيورسٽي جي مقرر ڪيل ڀرتي پاليسي تحت مڪمل شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي منعقد ڪيو ويو. هن چيو ته يونيورسٽي جو مقصد بهترين ۽ قابل اميدوارن جي چونڊ کي يقيني بڻائڻ آهي، جنهن لاءِ هر مرحلي ۾ شفافيت کي اوليت ڏني پئي وڃي.

هن امتحان جي ڪامياب انعقاد تي انتظامي ڪميٽين، نگراني ڪندڙ عملي، امتحاني اسٽاف ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن ۽ ملازمن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته سڀني پنهنجي ذميوارين کي بهتر نموني نڀايو، جنهن سبب امتحان بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پرامن ماحول ۾ مڪمل ٿيو.

وائيس چانسلر وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي ۾ سموريون ڀرتيون مقرر ڪيل قانوني طريقيڪار ۽ خالص ميرٽ جي بنياد تي ڪيون وينديون، جيئن بهترين تعليمي معيار برقرار رکيو وڃي ۽ قابل اميدوارن کي برابري جا موقعا فراهم ٿي سگهن.

ڊائريڪٽر هيومن ريسورسز نجم الدين سوهو پڻ امتحاني انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته لکت واري امتحان جو مرحلو خوش اسلوبي سان مڪمل ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته امتحان جا نتيجا جلد ئي يونيورسٽي جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪيا ويندا ته جيئن اميدوار پنهنجي ڪارڪردگي بابت ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڀرتي جي ايندڙ مرحلن، جن ۾ ضرورت موجب انٽرويو ۽ ٻيون قانوني گهرجون شامل هونديون، کي به يونيورسٽي جي مقرر ڪيل پاليسي ۽ ميرٽ مطابق مڪمل ڪيو ويندو.

يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ معياري استادن جي مقرري تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، تنهن ڪري ڀرتي جو هر مرحلو مڪمل شفافيت، انصاف ۽ احتساب جي اصولن کي سامهون رکندي مڪمل ڪيو ويندو.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سرگوڌا واقعي ۾ 7 ورهين جي نينگري سان زيادتي انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، حڪومت سان گڏ والدين جي به ذميواري آهي: مريم نواز
Next Article آبنائے هرمز غير علائقائي طاقتن جي فوجي نمائش جو ميدان ناهي، ايران پرڏيهي فوجي سرگرمين خلاف خبردار ڪري ڇڏيو
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

پي ايس ايل: ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي تي ڏنڊ لاڳو

لاهور: (سومر: 30 مارچ 2026ع)  پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) جي فرنچائز ڪراچي ڪنگز جي فاسٽ بالر حسن علي تي…

1 Min Read
پاڪستان

سکھر 12 ربیع الاول جلوس، سول ڈیفنس کا روٹ کا جائزہ

سکھر: سول ڈیفنس سندھ کے ڈائریکٹر ریاض حسین لغاری, ڈپٹی کمشنر و کنٹرولر سول ڈیفنس سکھر نادر شھزاد خان کی…

3 Min Read
پاڪستان

ڪراچي (25 مارچ)گورنر سنڌ محمد نهال هاشمي سان جاپان جي قونصل جنرل ھاتوري مسارو گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

ن موقعي تي جاپاني قونصل جنرل گورنر سنڌ کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات دوران پاڪ-جاپان ٻطرفي لاڳاپن، تعليم،…

3 Min Read
پاڪستان

ڪوڙي جا ڀاڻ ڪمشنر جو بچاءَ بندن جو دورو، صورتحال ڪنٽرول ۾

ڪمشنر شهيد بينظير آباد ڊويزن غلام قادر خان ٽالپور اڄ سنڌو درياءَ جي ڪوڙي جا ڀاڻ بچاء بندن جي ھنڌ…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?