سانگهڙ (رپورٽ غلام رسول ) ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ هندو برادري جي مذهبي تهوار ڏياري جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظامن جي حوالي سان هڪ اهم گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر آفيس سانگهڙ ۾ منعقد ٿي. گڏجاڻي ۾ اقليتي فوڪل پرسن راجيش ڪمار هرداساڻي، ضلعي جي مختلف علائقن مان هندو برادري جي نمائندن، پوليس، ميونسپل، واپڊا، صحت، فائر بريگيڊ، 1122۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ديوالي جي موقعي تي شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي پهرين ترجيح آهي. سمورا لاڳاپيل کاتا پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ادا ڪن ته جيئن تهوار جي موقعي تي ڪنهن به قسم جي تڪليف پيش نه اچي. هن هدايت ڪئي ته صفائي سٿرائي، بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ سيڪيورٽي جا اثرائتا انتظام يقيني بڻايا وڃن، جڏهن ته فائر بريگيڊ ۽ ايمبولينس سروس کي پڻ الرٽ رکيو وڃي.ان موقعي تي روشنيءَ جي تهوار ڏياري جي پروگرامن بابت آگاهي ڏيندي مينارٽي فوڪل پرسن راجيش ڪمار هرداساڻي چيو ته ڏياري روشني، محبت ۽ ڀائيچاري جو پيغام ڏئي ٿي. اسان پنهنجي مذهبي تهوار آزاديءَ سان ملهائيندا آهيون ۽ پنهنجي عبادتگاهن ۾ عبادت ڪندا آهيون. اهڙن پروگرامن سان مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري کي هٿي ملي ٿي.هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ مختلف ادارن هميشه اقليتي برادرين جي ڀرپور سهڪار ۽ حمايت ڪئي آهي. ڊپٽي ڪمشنر ميونسپل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته هندو ملازمن کي ايڊوانس پگهار ڏني وڃي. ان موقعي تي لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پڻ موجود هئا.
ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ساره جاويد جي صدارت هيٺ هندو برادري جي مذهبي تهوار ڏياري جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي سٿرائي ۽ ٻين انتظامن جي حوالي سان هڪ اهم گڏجاڻي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
