• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص شهمير خان ڀٽو گڙدن جي بيمارين جي علاج لاءِ پراڻي سول اسپتال ۾ قائم ڊائلاسز سينٽر جو دورو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص شهمير خان ڀٽو گڙدن جي بيمارين جي علاج لاءِ پراڻي سول اسپتال ۾ قائم ڊائلاسز سينٽر جو دورو

admin
Last updated: November 6, 2026 9:21 am
admin
Share
SHARE

ميرپورخاص (رپورٽ خدابخش چوھاڻ) ڊويزنل ڪمشنر ميرپورخاص شهمير خان ڀٽو گڙدن جي بيمارين جي علاج لاءِ پراڻي سول اسپتال ۾ قائم ڊائلاسز سينٽر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ايڊيشنل ڪمشنر ون سڀاش چندر، ايڊيشنل ڪمشنر ٽو افشاں شيخ ۽ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر سنديپ ڪمار پڻ ساڻس گڏ هئا. دوري دوران ڪمشنر ڊائلاسز سينٽر جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ اتي علاج هيٺ مريضن جي عيادت پڻ ڪئي ۽  انهن کي فراهم ڪيل طبي سهولتن بابت پڇيو. هن سينٽر ۾لڳل  آر او پلانٽ جو به معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڪمشنر شهمير خان ڀٽو چيو ته هن دوري جو بنيادي مقصد ڊائلاسز سينٽر جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ان جي لاڳاپيل   مسئلن جو جائزو وٺي حل ڪرڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ آهي. بعد ۾، ڊويزنل ڪمشنر ضلعي هيڊ ڪوارٽر نيو سول اسپتال ميرپورخاص جو دورو ڪيو جتي هن اسپتال جي مرمت ٿيل مرد ۽ عورتن جي  ايمرجنسي وارڊ، ٻارن جي وارڊ، هڏن جي وارڊ، دل جي وارڊ ۽ ٻين شعبن جو تفصيلي معائنو ڪيو.ان موقعي تي، ڪمشنر اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته  اسپتال ۾ گئس سلنڈر جي استعمال ۾ خاص احتياط ڪئي وڃي ۽ ان حوالي سان مقرر ڪيل قاعدن ۽ ضابطن تي سختي سان عمل درآمد کي يقيني بڻايو وڃي. ڪمشنر شهمير خان ڀٽو چيو ته اسپتال ۾ سي ٽي اسڪين، ايم آر آءِ، برنس وارڊ ۽ اين آءِ سي وي ڊي جي قيام لاءِ، پهريان هڪ ٽرشيري  ڪيئر يونٽ قائم ڪرڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ اسپتال انتظاميا پاران هر ممڪن ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سول اسپتال ۾ بنيادي صحت جي سهولتن جي فراهمي بابت ميڊيا پاران پڇيل سوال جي جواب ۾، ڪمشنر چيو ته ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۾ صورتحال تمام گهڻي حد تائين بهتر ٿي رهي آهي، ڊاڪٽر ۽ طبي عملو پنهنجي ڊيوٽي  ڪري رهيا آهن ۽ مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾، هن چيو ته ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال جي مرمت جي ڪمن سان لاڳاپيل ترقياتي اسڪيم تي نظرثاني ڪئي ويندي ته جيئن اسپتال جي باقي رهيل  مرمت جي ڪمن کي به مڪمل ڪري سگهجي. ان موقعي تي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر هيمجي چوهان، ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پڻ موجود هئا.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ايسوسيئيشن جي عھديدارن سان ملاقات ڪرڻ لاء ٽنڊوالهيار کان ڊي سينٽر آيل وفد جي آجيان ڪئي وئي
Next Article دادو: ٻن عادي ڏوهارين ڏوهن جي دنيا کي خيرباد چئي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي سهڪار سان ڪرپشن خلاف ڏھاڙو شاندار نموني سان ملهايو ويو

نوشهرو فيروز(رپورٽ عادل خان) ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي…

November 6, 2026

ضلعي جي ڪاليجن طرفان نيب جي سهڪار سان ڪرپشن خلاف ڏھاڙو شاندار نموني سان ملهايو ويو

نوشهرو فيروز(رپورٽ عادل خان) ضلعي جي…

November 6, 2026

صحافي اتحاد سانگهڙ جي سياسي ۽ سماجي شخصيت مرحوم رئيس الحبچايو نظاماڻي جي ياد ۾ هڪ تعزيتي اجلاس منعقد ڪيو ويو

سانگهڙ:رپورٽ (غلام رسول ناريجو )سانگهڙ پريس…

November 6, 2026

سکر: ”منهنجو گهر، منهنجو آشيانو“ اسڪيم تحت مسز ماروي پٺاڻ جي درخواست منظور، پنهنجي گهر جو خواب پورو ٿيڻ طرف اهم اڳڀرائي

سکر (رپورٽ عادل خان): حڪومت پاڪستان…

November 6, 2026

حيدرآباد جي صنعتي علائقن ۾ بجلي جي مسلسل ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ڪاروباري سرگرمين لاءِ انتهائي ضروري آهي،نديم احمد صديقي

 حيدرآباد  (محبوب حسين بوزدار )  حيدرآباد…

November 6, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني هم منصب سان رابطو، علائقي جي صورتحال تي ڳالهيون

اسلام آباد: پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي وچ ۾…

1 Min Read
پاڪستان

ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ اترئين علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

اسلام آباد(اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم…

1 Min Read
پاڪستان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ):-

صوبائي محتسب سنڌ جي ريجنل ڊائريڪٽر لاڙڪاڻو علي اڪبر جاگيراڻي چيو آهي ته حاضر سروس ۽ رٽائر سرڪاري ملازمن جا…

2 Min Read
علاقائي

سکر: باگڙجي ڪچي ۾ پوليس آپريشن، خطرناڪ گينگ جا 5 ملزمان مارجي ويا، 25 گرفتار

سکر: ايس ايس پي سکر اظهر مغل باگڙجي ڪچي ۾ واقع گهمره پوليس پيڪٽ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?