شڪارپور (رپورٽ مومن علي مھر)سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دورو ڪيو.سيشن جج شڪارپور عاشق علي غوري ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور ڊاڪٽر شرجيل نور پاران راءِ بهادر اوڌوداس تاراچند (RBUT) سول اسپتال شڪارپور جو گڏيل دورو ڪيو ويو.
ان موقعي تي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (MS) پاران معزز مهمانن کي اسپتال ۾ مريضن لاءِ موجود طبي سهولتن، علاج معالجي جي انتظامن، ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي جي حاضري، دوائن جي دستيابي ۽ مختلف شعبن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي دوري دوران اسپتال جي مختلف وارڊن ۽ شعبن جو معائنو ڪري مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جو جائزو ورتو ويو.
سيشن جج شڪارپور اسپتال انتظاميا کي هدايت ڪئي ته مريضن کي بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ، صفائي سٿرائي برقرار رکڻ ۽ علاج معالجي جي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.
سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دورو ڪيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
