لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي مٿان مبينا پوليس چڙهائي تشدد واري واقعي خلاف شهر جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ديني مدرسي کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪيو ويو، جتي احتجاج ڪندڙ استادن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي پ ٽ الف جي اڳواڻن محمد اسلم ديدڙ، علي شير جتوئي، غلام الله سانگي، غلام حسين بروهي، ارباب ڀٽو، الطاف حسين بروهي، علي اڪبر کوسو، ايم بي ابڙو، طارق رسول انڙ ۽ ٻين چيو ته ڪراچي ۾استادن جي حقن لاءِ پرامن ريلي تي پوليس طرفان تشدد ڪرڻ سنڌ حڪومت جي نااهلي آهي، جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيو ٿا. هنن چيو ته استادن جا جائز مطالبا ته نه ٿا مڃيا وڃن، ويتر استاد جهڙي عظيم پيشي سان تعلق رکندڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي، جيڪو افسوس جو مقام آهي. اڳواڻ مطالبو ڪيو ته پرامن ريلي مٿان چڙهائي ڪندي استادن مٿان تشدد ڪندڙ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ سنڌ جي پرائمري استادن جو سروس اسٽرڪچر جلد جاري ڪيو وڃي، انيشل اپائٽمينت کان سروس ڪائونٽ ڪئي وڃي، بايو ميٽرڪ ضلع سطح تي ڪئي وڃي ۽ بدلين جو اختيار ڊي اي او کي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
