لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾ لاڙڪاڻو يونين آف جرنلسٽس ڊويزن طرفان ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ واري عملي خلاف ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي قلم ڌڻين پاران هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي لاڙڪاڻو يونين آف جرنسلٽس ڊويزن لاڙڪاڻو جي صدر سرڪش سڌايو، جنرل سيڪريٽري شهزاد پٺاڻ، لاڙڪاڻو پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري طارق محمود دراني، سينئر صحافين ظفر ابڙو، ڊاڪٽر مولا بخش ڪلهوڙو، منير احمد سومرو، حنيف سهاڳ، سلامت ابڙو، رشيد سمون، ظهير ابڙو، خان راجا مگسي، نادر مائري، محمد ادريس بلوچ، شاھ محمد لاشاري، اڪبر آزاد هيسباڻي، شبير مغيري، اسلم راجپوت، علي گل ڏيٿو، ذيشان کوکر، محسن گل پٺاڻ، مشتاق احمد کهڙو، نويد سومرو، مسعود ابڙو، مبشر کوکر ۽ ٻين چيو ته ڪجھ ڏينهن اڳ ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندن ڀائرن ڌڻي بخش ۽ اسماعيل باريجو مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪرڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، جڏهن ته هڪ پلانگ تحت کين گرفتار ڪيو ويو آهي ته جيئن حق ۽ سچ جي آواز کي دٻائي سگهجي، پر اسان انهن عناصرن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ جا صحافي اهڙن هٿڪنڊن کان ڊڄڻ وارا نه آهن. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي بي ڌياني سبب سنڌ جا صحافي غير محفوظ بڻيل آهن، جن کي هميشه حراسان ڪري کين پريشان ڪيو پيو وڃي، پر ان باوجود قلم ڌڻي غريب، مسڪين ۽ بي پهچ ماروئڙن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائڻ سان گڏ ڪڌن ڪاروبارن کي عوام آڏو وائکو ڪندا رهن ٿا، جن کي اسين جس ٿا پيش ڪريون. هنن مطالبو ڪيو ته ڪوڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪرڻ سان گڏ کين فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس ڊويزن طرفان ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل خلافاحتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
