حیدراباد(رپورٽ: محبوب حسین بوزدار بیوروسندھ)
جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ٺٽي توڙي آسپاس ۾ فيصلن جو ڳُڻ رکندڙ ڪرناڻي برادري جي معزز شخصيت حاجي انور ڪرناڻي جي پهرين ورسي ڳوٺ صالح ڪرناڻي، ٺٽي ڀرسان ملهائي وئي. ان موقعي تي قومپرست سياسي، سماجي شخصيتن ۽ مرحوم جي خاندان جي فردن سندس آخري آرامگاهه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي ۽ مغفرت لاءِ دعا گهري.
بعد ۾ مرحوم جي ياد ۾ ورسيءَ جي تقريب رات دير تائين جاري رهي، جنهن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ (مرڪز) جي چيئرمين سورهيه سنڌي، جيئي سنڌ تحريڪ (ڪرناڻي) جي چيئرمين شبير جمالي، اڳواڻ راول ڪرناڻي، قيوم ابڙو، فقير عبدالرزاق انڙ، مير جان سنڌي، جيئي سنڌ محاذ جي سينيئر نائب صدر نواز شاهه ڀاڏائي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي سربراهه نواز خان زئنور، سنڌي نيشنل ڪانگريس جي صدر محب آزاد لغاري، جساف اڳواڻ ڄام سنگهار، ساگر سيال، منور ڪرناڻي، عقيل لنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته حاجي انور ڪرناڻي هڪ قومي اڳواڻ هجڻ سان گڏ انتهائي مهمان نواز ۽ سيد جو سچو پيروڪار هو. هو ڪرناڻي برادري سميت علائقي واسين لاءِ ڇپر ڇانوَ جي حيثيت رکندو هو ۽ ماڻهن جا ننڍا وڏا مسئلا ٿاڻن ۽ عدالتن تائين پهچڻ کان اڳ ئي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.
هنن چيو ته حاجي انور ڪرناڻي ٺٽي ۾ ڪيترائي تاريخي فيصلا ڪيا ۽ پنهنجي ڏاهپ، مهمان نوازي ۽ عوامي خدمت سبب ماڻهن جي دلين ۾ خاص جاءِ والاري. سندس لاڏاڻي کانپوءِ ٺٽي سميت سڄي سنڌ ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي، جيڪو ڀرڻ ڏکيو آهي.
ورسيءَ جي تقريب ۾ قومپرست سياسي ڪارڪنن، سماجي شخصيتن ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن لاءِ خيرات جو پڻ بندوبست ڪيو ويو.
ٺٽي ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ حاجي انور ڪرناڻي جي پهرين ورسي ملهائي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
