• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: گونگن ٻوڙن کي ڪيستائين ديوار سان لڳائي 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا به نارمل ماڻهن ۾ وڪرو ڪري اسان جو بنيادي حق غضب ڪيو ويندو
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
جنرل

گونگن ٻوڙن کي ڪيستائين ديوار سان لڳائي 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا به نارمل ماڻهن ۾ وڪرو ڪري اسان جو بنيادي حق غضب ڪيو ويندو

admin
Last updated: November 6, 2026 11:37 am
admin
Share
SHARE

لاڙڪاڻو(رپورٽ مريد سولنگي) گونگن ٻوڙن کي ڪيستائين ديوار سان لڳائي 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا به نارمل ماڻهن ۾ وڪرو ڪري اسان جو بنيادي حق غضب ڪيو ويندو، سنڌ جا معذور گونگا ٻوڙا پنجاب صوبي واريون مراعتون، سهولتون ۽ واهر چاهين ٿا، لاڙڪاڻو جي گونگن ٻوڙن کي هميشه نظر ڪيو ويو آهي ، اسپيشل نوجوانن سان اڳ ۾ ئي 5 سيڪڙو معذور ڪوٽا ۾ ظلم ڪري گونگن ٻوڙن جي ڪوٽا نارمل ماڻهن کي ڏني وئي، گونگا ٻوڙا نوجوان بک، بيروزگاري سبب اذيت ڀري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن، اسان جا پڙهيل لکيل گونگا ٻوڙا سرڪاري نوڪريون نه ملڻ ڪري ذهني اذيت جو شڪار بڻجي ويا آهن، سنڌ جي اندر هر کاتي ڊپارٽمينٽ ۾ مقرر گونگن ٻوڙن جون نوڪريون ٻين صحيح سالم نارمل ماڻهن ۾ وڪرو ڪري ڏنيون وڃن ٿيون ۽ معذورن سان ماٽيلي ماء جهڙو سلوڪ ڪيو ويو آهي، اهڙيون ڳالهيون گونگن ٻوڙن جي سماجي تنظيم لاڙڪاڻو ڊيف آف ايسوسيئيشن جي مرڪزي اڳواڻ پنهل خان سانگي، خليل الرحمان عباسي، اشفاق لغاري، پپن پيچوهو ۽ ٻين پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ڪيون، هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي گهرجي ته فوري طور تي اسپيشل پرسن گونگن ٻوڙن کي ميرٽ اهليت مطابق نوڪريون ڏنيون وڃن، گونگن ٻوڙن ۾ غريب مستري ڪاريگرن کي سلائي ۽ ڀرت جون مشينون ڏنيون وڃن ۽ ڪيترن ئي گونگن ٻوڙن جو علاج ڪرائڻ لاءِ ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد کان اسپيشل معائنه ٽيم گهرائي علاج ڪرايو وڃي، لاڙڪاڻي شهر ۾ گونگين ٻوڙين نياڻين سان گهرن ۾ ساهرن، ڏيرن، والدين، مٽن مائٽن جو ذهني ۽ جسماني تشدد ڪندڙن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ، لاڙڪاڻو ڪورٽ سخت نوٽيس وٺندي انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪري قدم کنيا وڃن، لاڙڪاڻو شهر جي اسپيشل نوجوانن کي شهر جي اندر جدا پلي گرائونڊ مختص مقرر  ڪري ٺهرائي ڏنو وڃي، گونگن ٻوڙن جي مرڪزي آفيس جي زبون حال عمارت جي مرمت ڪرائي وڃي، لاڙڪاڻو شهر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ گونگا ٻوڙا آهن جن ۾ پوڻا چار سئو گونگيون ٻوڙيون نياڻيون آهن ۽ ست سئو کان وڌيڪ گونگا ٻوڙا نوجوان مرد آهن جن کي قومي شناختي ڪارڊ جي ٺاهڻ جي سهولت به نه ڏني وئي آهي، گونگن ٻوڙن کي چيڪ ڪرڻ وارو الات مشين لاڙڪاڻو ۾ رکرائي سکر جي پنڌ هزارين روپيا خرچ ڀاڙن کان بچايو وڃي، سابق وزير اعظم شهيد بينظير ڀٽو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهر لاڙڪاڻي جي اندر گونگن ٻوڙن کي ٽيسٽ ڪندڙ مشين نه هجڻ ڪري مجبورن لاڙڪاڻو جا ڊيف اسپيشل نوجوان سکر وڏا خرچ ڀاڙا ڪري ستن کان ڏهه هزار رپيا خرچ ڪري ۽ اتي وڃڻ تي مجبور ڪيا ويا آهن ۽ بار بار معذور ٽيسٽ ڪرائڻ لاءِ سکر جا پنڌ ڪرايا وڃن ٿا، ان لاءِ لاڙڪاڻو ضلع ڊويزن وڏا شهر آهن ته گونگن ٻوڙن کي پنهنجي ئي شهر لاڙڪاڻي ۾ ٽيسٽ وٺڻ لاءِ مشين جي سهولت ڏني وڃي، جنهن سان گونگن ٻوڙن جي ٽيسٽ ٿي سگهي ۽ پوءِ انهن کي گونگي ٻوڙي جو سرٽيفڪيٽ ڏنو وڃي، جيئن اهي پنهنجو قومي شناختي ڪارڊ ٺهرائي سگهن، جيڪو انهن جو بنيادي آئيني قانوني حق آهي، پنجاب صوبي جيان سنڌ لاڙڪاڻو شهر جي گونگن ٻوڙن اسپيشل غريب مسڪين لاوارث، يتيم بي سهارا نوجوانن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ شامل ڪري معاوضو ڏنو وڃي، جڏهن ته لاڙڪاڻو ايسوسيئيشن آف دي ڊيف جي گونگن ٻوڙن رجسٽرڊ ٿيل نوجوانن جي بهتري لاءِ حڪومت پاران اسپيشل فنڊ ڏياريا وڃن. گونگن ٻوڙن جي تنظيم جي اڳواڻ پنهل خان سانگي، خليل الرحمان عباسي ۽ ٻين پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، ايم اين اي آصفه ڀٽو زرداري، وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه، لاڳاپيل صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو آهي ته لاڙڪاڻو شهر جي گونگن ٻوڙن جي احساس محرومين جو ازالو ڪندي مسئلا حل ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ گونگا ٻوڙا لاڙڪاڻي انتظاميه خلاف سخت احتجاج ڪندا.
 

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article  لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي…

November 6, 2026

 لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ الف ضلعي طرفان ڪراچي ۾ سنڌ جي پرائمري استادن پاران پنهنجي جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ نڪتل پرامن ريلي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ ٽ…

November 6, 2026

لاڙڪاڻي ۾ يونين آف جرنلسٽس ڊويزن طرفان ڪوٽڙي جي سينئر صحافي عظيم باريجو ۽ سندس ڀائرن مٿان ڪيس داخل خلافاحتجاج

لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ۾…

November 6, 2026

بلاول ڀٽو زرداري پاران انجنيئر مرحوم غلام قادر ميراڻي جي وفات تيالطاف حسين، آفتاب ميراڻي ۽ ٻين سان تعزيت

لاڙڪاڻورپورٽ عادل خان) پاڪستان پيپلز پارٽي…

November 6, 2026

سيشن جج شڪارپور ۽ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور جو آر بي يو ٽي سول اسپتال جو دورو ڪيو

شڪارپور (رپورٽ مومن علي مھر)سيشن جج…

November 6, 2026

You Might Also Like

جنرل

انفارميشن گروپ جو آفيسر شفقت عباس ڊائريڪٽر جنرل انٽرنل پبلسٽي ونگ مقرر

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر شفقت عباس کي…

1 Min Read
جنرل

سيوهڻ شريف ۾ ناٿا فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر رٽائرڊ برگيڊيئر سيد اقرار حسين شاهه، ناٿا فائونڊيشن جو دورو ڪيو

سيوهڻ شريف رپورٽ اعجازعلي ٻگهيو سيوهڻ شريف ۾ ناٿا فائونڊيشن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي ميمبر رٽائرڊ برگيڊيئر سيد اقرار…

2 Min Read
جنرل

حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سي بي اي يونين جي ريلي، لاڙڪاڻي جي عهديدارن اياز آهير ، غلام رسول ڇڄرو سان يڪجهتي جو اظهار

حيدرآباد : محبوب حسین بوزدارحيدرآباد پريس ڪلب آڏو سي بي اي يونين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران لاڙڪاڻي ۾ يونين…

1 Min Read
جنرل

سنڌ جا وسيلا، سنڌو درياهه ۽ صوبائي خودمختياري خطري ۾ آهن: زين شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) جي صدر سيد زين شاهه چيو آهي ته وحدت سنڌ ريلي…

1 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?