حيدرآباد : محبوب حسین بوزدار
حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سي بي اي يونين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پاران لاڙڪاڻي ۾ يونين جي عهديدارن سان پيش آيل واقعي خلاف يڪجهتيءَ جي ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻ غلام مصطفيٰ شينو چيو ته لاڙڪاڻي ۾ يونين سرگرمين دوران عهديدارن سان مبينا غنڊه گردي ۽ تشدد وارو رويو اختيار ڪيو ويو آهي، جيڪو افسوسناڪ آهي.
هن چيو ته سمورا معاملا مثبت ڳالهين ۽ ڳالهين ٻولهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا. ملازمن سان مارڪٽ ۽ تشدد ڪندڙن کي اهڙين حرڪتن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ملازمن وٽ سڀ کان وڏو جمهوري هٿيار ووٽ جو حق آهي، جنهن کي کين پنهنجي يونين جي ٽن سالن واري مدي جي چونڊ دوران سوچ ويچار ۽ ذميواريءَ سان استعمال ڪرڻ گهرجي.
يڪجهتيءَ واري ريلي کي ڪامريڊ اقبال، علي محمد لغاري، ميان بخش ڀٽي ، مرزا خان ڪلرو، مصري ڀنڀرو ، فضل امين ۽ محمد جمن چانڊيو سميت ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ تي زور ڏنو.
حيدرآباد پريس ڪلب آڏو سي بي اي يونين جي ريلي، لاڙڪاڻي جي عهديدارن اياز آهير ، غلام رسول ڇڄرو سان يڪجهتي جو اظهار
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
