حيدرآباد (محبوب حسين بوزدار )لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي سنڌ جي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي جي صدارت هيٺ لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز کاتي ڪراچي ۾ ويٽرنري ڪمپليڪس جي تعمير ۽ بحالي بابت اهم اجلاس ٿيو.اجلاس ۾ سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ اينڊ فشريز سنڌ ڊاڪٽر ڪاظم حسين جتوئي، ورلڊ بئنڪ جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر نذير حسين ڪلهوڙو ۽ (SLADP) جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر جاويد ميمڻ جڏهن ته سول ورڪس ڊيزائن ۽ سپروائيز ڪنسلٽنٽ M/S G3 انجنيئرنگ ورڪس جا نمائندا پڻ موجود هئا.اجلاس دوران صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي صلاحڪار فرم پاران منصوبي تي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ضلعي سطح تي ويٽرنري ڪمپليڪس جي تعمير لاءِ پيش ڪيل ڊيزائن تي غور ڪيو.صوبائي وزير ويٽرنري ڪمپليڪس جي ڊيزائن ساحلي پٽي ۾ ويٽرنري ايمرجنسي سينٽرن جي قيام ۽ مختلف ويٽرنري يونٽن جي بحالي ۽ SLADP منصوبي تحت نون يونٽن جي تعمير جي ڊيزائن کي حتمي شڪل ڏني وئي .ان موقعي تي صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي لاڳاپيل اختيارين ۽ ڪنسلٽنٽ فرم کي هدايتون ڏنيون ته منصوبي جا سمورا معاملا طئي ٿيل معيار ۽ رٿيل پلان موجب اڳتي وڌايا وڃن.
ويٽرنري ڪامپليڪس جي تعمير ۽ بحالي جي منصوبن تي اڳڀرائي بابت اھم اجلاس
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
