دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار علي جتوئي)وارھ ٻه ڏينهن اڳ وارھ ڀرسان ڳوٺ طالب حسين چولياڻي ۾ جوابدارن پاران پنهنجي ويڳي ڀيڻ عورت نظيران خاتون کي مبينا طور گوليون هڻي سخت زخمي ڪرڻ واري واقعي خلاف عورت جي وارثن پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي قمبر، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن اختيارين کان جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.وارثن موجب فائرنگ جي واقعي ۾ نظيران خاتون کي ٻانهن ۽ سيني ۾ گوليون لڳيون هيون، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ علاج لاءِ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت اڃا تائين سيريس ٻڌائي پئي وڃي.پريس ڪانفرنس دوران وارثن الزام هنيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدار اڃا تائين سرعام گهمي رهيا آهن، پوليس طرفان ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدار کين مسلسل ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جنهن سبب سندن خاندان سخت خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهي.وارثن پاران نامزد ڪيل جوابدارن ۾ لعل خان عرف لقمان چولياڻي، علي اصغر عرف سهڻو چولياڻي، محمد طاهر چولياڻي، اربيلو چولياڻي، شهزادو چولياڻي ۽ ٻيا شامل آهن.هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر ۽ ٻين وس وارن ادارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جو شفاف نوٽيس وٺي نامزد جوابدارن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، زخمي عورت کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ۽ کين انصاف ڏياريو وڃي.
وارثن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪري کين ۽ سندن خاندان کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي، جيئن هو خوف ۽ ڌمڪين کانسواءِ زندگي گذاري سگهن.
وارھ ڀرسان عورت نظيران خاتون تي فائرنگ واري واقعي خلاف وارثن جي پريس ڪانفرنس، جوابدارن جي گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
