ڀريا سٽي ( رپورٽ محمد صابن جوڻيجو )
گهرن مان زبردستي بي دخل ڪرڻ خلاف وارڊ هڪ جي رهواسين جو ٽئين ڏينهن به احتجاج، وڏيري کان تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ۔ ڀريا سٽي جي وارڊ هڪ جي مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ رهواسين پاران گهرن مان مبينا زبردستي بي دخل ڪرڻ ۽ لڏائڻ جي ڪوشش خلاف ڪنڊيارو لنڪ روڊ تي ٽئين ڏينهن به اڳوڻي ڪائونسلر محمد صابن جوڻيجو، احسان ابڙو، ڀاڳ چند اوڏ، رانجهو جوڻيجو، جمن جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته اڳوڻو تعلقي ناظم ۽ وڏيرو سيد امير علي شاهه کين گهرن مان بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا غريب ماڻهن سان وڏي زيادتي آهي ۔ اڳوڻي ڪائونسلر محمد صابن جوڻيجو چيو ته سيد امير علي شاهه پاران سندن خلاف عدالت ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي ۽ کين گهر خالي ڪري لڏڻ لاءِ چيو پيو وڃي، جڏهن ته هو گذريل 50 سالن کان ڄاڻايل گهرن ۾ رهائش پذير آهن. ڀاڳ چند اوڏ ۽ احسان ابڙي چيو ته کين بااثر وڏيري جي مبينا ظلم کان بچايو وڃي، هو غريب ۽ مسڪين پورهيت آهن، پنهنجن ٻچن کي ڇڏي ڪيڏانهن ويندا ۽ کين اجهي کان محروم نه ڪيو وڃي ۔ جمن جوڻيجو ۽ ٻين چيو ته هو پنجاهه سالن کان انهن گهرن ۾ ويٺل آهن، سيد امير علي شاهه جي والد مرحوم سيد انور شاهه ڪڏهن به زمين جي دعويٰ نه ڪئي ۽ نه ئي ڪنهن غريب کي گهر خالي ڪري لڏڻ لاءِ چيو هو، پر هاڻي کين بي دخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.احتجاج ڪندڙن وڌيڪ چيو ته سيد امير علي شاهه پاڻ کي پيپلز پارٽي جو اڳواڻ سڏائي ٿو، جڏهن ته پيپلز پارٽي جو نعرو روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان رهيو آهي، پوءِ غريبن کان سندن گهر کسڻ جي ڪوشش ڇو ڪئي پئي وڃي؟ هنن پپلزپارٽي قيادت بلاول ڀٽو زرداري صدر پاڪستان آصف علي رزداري سميت ضلعي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري گهرن مان مبينا بي دخل ڪرڻ واري معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي. ھوڏانهن اڳوڻي تعلقي ناظم سيد امير علي شاهه سوشل ميڊيا تي پنهنجو موقف ڏيندي چيو آهي ته ديهه ڀريا جي سروي نمبر هڪ ۾ ڪجهه وقت اڳ سرڪاري ايراضي جي ماپ ڪرائي وئي هئي، جنهن دوران ڄاڻايل ڌرين جو ڪجهه حصي تي قبضو ظاهر ٿيو هو.
ڀريا سٽي ۾گهرن مان زبردستي بي دخل ڪرڻ خلاف وارڊ هڪ جي رهواسين جو ٽئين ڏينهن به احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
