لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻو شھر جي مارڪيٽ ٿاڻي جي حد سيال چوڪ وٽ هٿياربندن جي مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ شهر جي مراد واهڻ واسي پيرسن محمد حسن ميرجت سميت ٽي اسڪولي ٻارڙا زبير خاصخيلي، الله ڏنو ۽ نينگري اقرا لاڙڪ سخت زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمين کي طبي امداد ڏني وئي. ان حوالي سان زخمي ٻارن جي وارثن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جا ٻارڙا اسڪول جي موڪل کان پوءِ چنگچي تي گهر وڃي رهيا هئا ته رستي ۾ نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري اسان جي ٽن ٻارن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا آهن. هنن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث هٿياربندن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. واقعي بابت مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربند مير حسن ميرجت کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.
لاڙڪاڻو شھر۾ هٿياربندن جي مبينا فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻارڙا زبير خاصخيلي، الله ڏنو ۽ نينگري اقرا لاڙڪ سخت زخمي ٿي پيا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
