لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)مرحباءووڪيشنل ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي ۾ شاگردياڻين جي مهارتن جو مقابلو ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي پروقار تقريب، بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس اينڊ ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ (BBSHRRDB) جي سهڪار سان مرحباء ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي ۾ هيئر اينڊ بيوٽي سروسز (Hair & Beauty Services) جي ڏهن مهينن واري فني تربيت ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين جي حوصلا افزائي لاءِ مهارتن جي مقابلي ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي.تقريب دوران تربيت حاصل ڪندڙ شاگردياڻين پنهنجي سکيل فني صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪيو، جتي سندن محنت، هنر، تخليقي صلاحيتن ۽ پيشوراڻي مهارتن کي ساراهيو ويو. مهارتن جي مقابلي جو مقصد شاگردياڻين ۾ خود اعتمادي، صحتمند مقابلي جو جذبو ۽ پنهنجي سکيل هنر کي عملي زندگيءَ ۾ استعمال ڪرڻ جي صلاحيت کي هٿي ڏيڻ هو.تقريب ۾ بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس اينڊ ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر الله ڏنو خان کوهرو، سماجي اڳواڻ عبدالرزاق ڏيرو، بورڊ جي اسسٽنٽ غلام دستگير ۽ مرحباء ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر جي فوڪل پرسن محمد عثمان شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مهمانن خطاب ڪندي چيو ته فني ۽ووڪيشنل تربيت عورتن کي بااختيار بڻائڻ، معاشي خودمختياري حاصل ڪرڻ ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هيئر اينڊ بيوٽي سروسز جهڙي هنر ۾ مهارت حاصل ڪري عورتون نه صرف پنهنجو ذاتي ڪاروبار شروع ڪري سگهن ٿيون، پر ٻين عورتن لاءِ به روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهن ٿيون.هنن وڌيڪ چيو ته بينظير ڀٽو شهيد هيومن ريسورس اينڊ ريسرچ ڊولپمينٽ بورڊ جو مقصد نوجوان عورتن کي مارڪيٽ جي گهرجن مطابق معياري فني تربيت فراهم ڪري کين باعزت روزگار ۽ خودمختياري جا موقعا فراهم ڪرڻ آهي.تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڏهن مهينن جي تربيت ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪندڙ شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا، جڏهن ته مهارتن جي مقابلي ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردياڻين جي خاص طور تي حوصلا افزائي ڪئي وئي.تقريب ان عزم سان پڄاڻيءَ تي پهتي ته عورتن کي فني تعليم ۽ هنر سان ليس ڪري کين معاشي طور خودمختيار بڻائڻ ۽ سماج جي ترقيءَ ۾ سندن ڀرپور ڪردار کي يقيني بڻايو ويندو.
مرحباءووڪيشنل ٽريننگ سينٽر لاڙڪاڻي ۾ شاگردياڻين جي مهارتن جو مقابلو ۽ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي پروقار تقريب
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
