لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي ۾ عمراڻي اتحاد ضلعي طرفان برادري جي معزز سردار غلام رسول عمراڻي مٿان مبينا طور ڪيس داخل ٿيڻ واري عمل خلاف شهر جي لاهوري محلي کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي ضلعي صدر نور احمد عمراڻي، دامن علي عمراڻي، لياقت علي عمراڻي، غلام رسول عمراڻي، طارق ملگاڻي، محرم علي عمراڻي، محمد ملوڪ عمراڻي، علي گل عمراڻي، محمد نواز عمراڻي ۽ ٻين چيو ته اسان جي چيف سردار غلام رسول عمراڻي مٿان بيگناھ هڪ من گهڙت ڪوڙي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جنهن عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، جڏهن ته چيف سردار غلام رسول عمراڻي هڪ معزز شخص آهي، جنهن هميشه پنهنجي برادري سميت عام ماڻهن جي خدمت ۽ مدد ڪئي آهي، جيڪا ڳالھ ڪنهن کان لڪيل نه آهي. هنن وس وارين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي چيف سردار غلام رسول عمراڻي مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس جي صاف شفاف جاچ ڪرائڻ سان گڏ ملوث ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪري عمراڻي برادري سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
لاڙڪاڻي ۾ عمراڻي اتحاد ضلعي طرفان برادري جي معزز سردار غلام رسول عمراڻي مٿان مبينا طور ڪيس داخل ٿيڻ واري عمل خلاف شهر جي لاهوري محلي کان ريلي ڪڍي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
