دادو (ڊسٽرڪٽ رپورٽر: مختيار علي جتوئي)دادو شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ۾ واقع ورڪشاپ محلي ۾ مبينا طور کليل عام هلندڙ منشيات جي ڪاروبار خلاف علائقي واسين پاران ڪچهري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج جي اڳواڻي ڪامريڊ اظھر سولنگي، فاروق سولنگي ۽ خالد سولنگي ڪئي، جڏهن ته مظاهرين منشيات جي وڌندڙ وڪري خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ۽ رهواسين چيو ته ورڪشاپ محلي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ مبينا طور منشيات جو ڪاروبار کلي عام جاري آهي، جنهن سبب نوجوان نسل جو مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي ۽ علائقي جو ماحول پڻ متاثر ٿي رهيو آهي. هنن الزام لڳايو ته منشيات جي ڪاروبار خلاف اثرائتي ڪارروائي نه ٿيڻ سبب منشيات فروشن جا حوصلا وڌي رهيا آهن.
احتجاج ڪندڙن ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي، اي سيڪشن ٿاڻي جي ايس ايڇ او انسپيڪٽر بينظير جمالي سميت ضلعي جي اعليٰ پوليس اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو فوري نوٽيس وٺي ورڪشاپ محلي ۾ منشيات جي ڪاروبار ۾ ملوث جوابدارن خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ علائقي کي منشيات جي لعنت کان پاڪ ڪري نوجوان نسل جو مستقبل محفوظ بڻايو وڃي.
دادو: اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ورڪشاپ محلي ۾ منشيات جي کليل عام وڪري خلاف رهواسين جو ڪچهري روڊ تي احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
