حيدرآباد (محبوب حسين بوزدار)ڪوٽڙي ۾ برفت ۽ باريجا برادرين وچ ۾ ٿيل تڪرار، دلشير برفت جي قتل، صحافين خلاف مبينا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس ۽ ڄامشورو يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي ٽنڊوڄام پريس ڪلب رجسٽرڊ جي صحافين پاران حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ بند ڪري ڇڏيو، احتجاج جي اڳواڻي اظهر لوچي، شفقت قادري، گلزار سرگاڻي ،امجد ذاڪر ، نواب احمد، عاصم، اياز ويسر ۽ ٻين ڪيترن اڳواڻي ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحافين چيو ته ڪوٽڙي واقعي جي آڙ ۾ صحافين کي مبينا طور انتقامي ڪارروائين جو نشانو بڻائڻ، سندن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ گهرن ۾ پوليس پاران داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ عمل آهي. هنن چيو ته صحافين جي گهرن ۾ داخل ٿي عورتن سان مبينا بدسلوڪي ۽ تذليل ڪرڻ واري واقعي جي جيتري مذمت ڪجي سا گهٽ آهي. صحافي معاشري جو اهم حصو آهن، جيڪي عوام جا مسئلا ۽ حقيقتون سامهون آڻين ٿا، پر کين ئي مبينا طور هراسان ڪرڻ ۽ دٻاءَ ۾ آڻڻ جون ڪوششون آزاد صحافت لاءِ ڳڻتي جوڳيون آهن.هنن چيو ته ڪنهن به واقعي جي جاچ قانون ۽ انصاف جي دائري ۾ ٿيڻ گهرجي، ڪنهن به بيگناهه شخص يا صحافي کي بنا ثبوت جي ڪيسن ۾ ملوث ڪرڻ ۽ خاندانن کي خوفزده ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. پوليس اختيارين کي گهرجي ته قانون جي پاسداري ڪن ۽ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ بدران عوام کي تحفظ فراهم ڪن.احتجاج ڪندڙ صحافين سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو ته دلشير برفت جي قتل واري واقعي، صحافين خلاف داخل ڪيل مبينا ڪوڙن ڪيسن، صحافين جي گهرن تي پوليس جي ڪارروائين ۽ عورتن سان مبينا بدسلوڪي واري واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبدار عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، ملوث پوليس اهلڪارن ۽ ٻين ذميوارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر صحافين توڙي سندن خاندانن کي تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي.
