لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ ٻڍاڻي چانڊيو واسي سبزي وڪرو ڪندڙ پورهيت طرفان پنهنجي پٽ سان گڏجي مبينا ڦر ٿيل ڊالو، سبزيون، روڪ رقم ۽ موبائيل فون واپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ پورهيت وزير علي چانڊيو پنهنجي پٽ سڌير علي چانڊيو سان گڏجي ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مان روزانو جي بنياد تي سبزي منڊي مان سبزيون خريد ڪري ڊالي تي چڙهي مختلف علائقن ۾ وڃي سبزي وڪرو ڪري گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهيان. هن الزام لڳايو ته اڄ صبح مان سبزي منڊي مان سبزي خريد ڪري ڊالي تي رکي ڳوٺ طرف وڃي رهيو هيس ته رتوديرو باءِ پاس وٽ ٽن نامعلوم هٿياربند ڦورن رستو روڪي هٿيارن تي زور تي يرغمال بڻائي ڊالو، هزارين روپين جون سبزيون، 1500 روپيه روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري مزاحمت تي مون کي تشدد جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع مان حد جي ڪنگا ٿاڻي تي ڏنو جنهن تي پوليس اين سي داخل ڪري وڌيڪ ڪاروائي نه ڪئي جيڪا وڏي ناجائزي آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ڦورن خلاف ڪاروائي ڪري ڦر ٿيل ڊالو، سبزيون، روڪ رقم ۽ موبائيل فون واپس واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
لاڙڪاڻي ۾ سبزي وڪرو ڪندڙ پورهيت طرفان پنهنجي پٽ سان گڏجي مبينا ڦر ٿيل ڊالوواپس نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
