لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي تعاون سان سنڌي اسٽيج ڊرامو قرباني گذريل رات پيش ڪيو ويو، جنھن جو ڊائريڪٽر ۽ رائيٽر اسحاق اگھم، ڪو ڊائريڪٽر رياض مھيسر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر مھراڻ خان اگھم ھيو، جڏھن تہ اسٽيج اداڪارن ۾ علي امجد ابڙو، سيما علي چانڊيو، سجدہ بتول، نديم احمد تنيو ۽ سعيد تنيو پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو جڏهن تہ ڊرامي جي ڪهاڻي ھڪ پيار تي ٻڌل آهي جنھن ۾ گھڻو عرصو گذرڻ بعد اولاد نہ ٿي رھي آھي جنھن جي ڪري ڇوڪري جو مڙس مايوس ٿي وڃي ٿو ۽ ھو پنھنجي دل ۾ اولاد جي خواهش رکي ٿو جڏهن سندس زال کي ان جي خبر پوي ٿي تہ ھو پنھنجي پيار جي قرباني ڏيندي پنھنجي مڙس کي ٻئي شادي ڪرڻ لاءِ راضي ڪري وٺي ٿي جڏھن تہ پنھنجي والد جي سمجھائڻ باوجود بہ ھو پنھنجي مڙس جي اولاد خاطر شادي ڪرائي ٿي جنھن کان بعد ۾ سندس پنھنجي ساهيڙي حسد ڪري ٿي۽ مختلف طريقن سان ذھني اذيتون ڏئي ٿي جنھن کان بعد ۾ ساهيڙي سان گڏ سندس کي بہ پيٺ ٿي وڃي ٿو جڏهن تہ صدمن جي ڪري سندس کي دل جو اٽيڪ ٿي وڃي ٿو ۽ ھو فوت ٿي وڃي ٿي ان مان اھا اصلاح ملي ٿي تہ سڀ ڪجھ الله پاڪ جي ھٿ وس آھي انسان کي ھر وقت صبر کان ڪم وٺڻ گهرجي آخر ۾ آيل مھمانن گلفام سانگي، آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻي جو نائب صدر نديم اڪبر سيال، عبدالستار کھاوڙ، نصير محمد کھاوڙ، ھريش دادا، ناظم چانڊيو، ڊراما شعبي جو چيئرمين روشن علي شيخ، ستار لاڙ، رفيق ابڙو ۽ ٻين آيل مھمانن کي سنڌ جي سوکڙي اجرڪ جا تحفا ڏنا ويا
.
