• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: ڪراچي: پوليس مقابلن ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 5 زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

ڪراچي: پوليس مقابلن ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو، 5 زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ

admin
Last updated: April 24, 2026 8:30 am
admin
Share
SHARE

ڪراچي جي مختلف علائقن فيروز آباد، سپر مارڪيٽ، شريف آباد ۽ مبينه ٽائون ۾ پوليس جي مبينه مقابلن جي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو جڏهن ته 5 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب فيروز آباد پوليس ۽ شاهين فورس جي جوانن اربع ۽ خميس جي رات دير سان شهيد ملت روڊ هل پارڪ باغ بهار شادي هال جي ڀرسان چيڪنگ دوران مبينه مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو جنهن جي لاش قانوني ڪارروائي جي لاءِ اسپتال منتقل ڪئي وئي. ايس ايڇ او فيروز آباد انسپيڪٽر عديل افضال موجب مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ 35 ورهين جي عثمان عرف نورالبشير عرف عثمان بنگالي ولد ابوالڪلام جي نالي سان ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انهي جو هڪ ساٿي واقعي واري هنڌان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس موجب مارجي ويل ڏوهاري جي قبضي مان هڪ پستول، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته انهي جو اڳوڻو رڪارڊ حاصل ڪرڻ ۽ فرار ڏوهاري جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. ٻئي طرف سپر مارڪيٽ پوليس اربع ۽ خميس جي رات دير سان لياقت آباد چونا ڊپو ندي ڪناري جي ڀرسان مبينا مقابلي کان پوٰءِ 2 ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو جن کي طبي امداد جي لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ 24 ورهين جي صدام حسين ولد شاهه جهان ۽ 22 ورهين جي عمران ولد جهانگير جي نالن سان ڪئي وئي آهي، پوليس ڏوهارين جي قبضي مان 2 پسٽل، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي. شريف آباد پوليس به اربع ۽ خميس جي رات دير سان ايف سي ايريا ريلوي لائين جي ڀرسان مبينه مقابلي کان پوءِ 2 ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، زخمي ڏوهارين کي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب گرفتار ڏوهارين جي سڃاڻپ 45 ورهين جي اعجاز ولد سيد حسن ۽ 42 ورهين جي محمد عدنان ولد محمد انور جي نالن سان ڪئي وئي آهي. پوليس موجب ڏوهارين جي قبضي مان پسٽل، گوليون، موبائل فون، روڪ رقم ۽ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي. هوڏانهن مبينه ٽائون پوليس اربع ۽ خميس جي رات دير سان يونيورسٽي روڊ سمامه پل جي ڀرسان مبينه مقابلي کان پوءِ هڪ ڦورو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. زخمي ڏوهاري کي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب زخمي ٿيل ڏوهاري جي سڃاڻپ 40 ورهين جي نادر ولد غلام حيدر جي نالي سان ڪئي وئي آهي جنهن جي قبضي مان هڪ پسٽل، گوليون، موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article چاغي: هٿياربندن جي حملي ۾ پرڏيهي سميت نجي ڪمپني جا 10 ملازم مارجي ويا، 5 زخمي
Next Article آمريڪا ايران ڳالهيون ڪامياب ڪرڻ لاءِ فيلڊ مارشل عاصم منير اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: فنانشل ٽائمز
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي مجلسِ شوريٰ جو اهم اجلاس، ڪيترائي اهم فيصلا

جيڪب آباد(رپورٽ عامرجان) جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي…

October 24, 2026

جيڪب آباد: جمعيت علماءِ اسلام يو سي مبارڪپور جي مجلسِ شوريٰ جو اهم اجلاس، ڪيترائي اهم فيصلا

جيڪب آباد(رپورٽ عامرجان) جمعيت علماءِ اسلام…

October 24, 2026

لاڙڪاڻي ۾ پوليو جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو آگاهي واڪ، فرنٽ لائن ورڪرن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا ويا

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ)-لاڙڪاڻي ضلعي ۾ سڄي…

October 24, 2026

ڈپٹی کمشنر خیرپور کی ہدایات پر آٹے کی قیمتوں، تجاوزات اور اسپتالوں کا معائنہ

خیرپور: ڈپٹی کمشنر خیرپور الطاف احمد…

October 24, 2026

پاڪستان پيپلز پارٽي ڊسٽرڪٽ ويسٽ پاران مادرِ جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي قرآن خواني ۽ دعائيه تقريب.

ڪراچي (رپورٽ: پير بخش نوناري)ڪراچي پاڪستان…

October 24, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

یومِ عرفہ مغفرت، قبولیتِ دعا اور امتِ مسلمہ کے اتحاد کا عظیم دن ہے انوار علی جعفری

سکھر()گل باٹلرز لمیٹڈ پاکولا سکھر کے ریزیڈنٹ ڈائریکٹر انوار علی جعفری نے کہا ہے کہ یومِ عرفہ اسلام کا نہایت…

1 Min Read
پاڪستان

حيدرآباد رپورٽ

راڌڻ واسين جو نوجوان اميد علي سرگاڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاء حيدرآباد ۾ احتجاجي مظاھرو مقتول نوجوان جي وارثن…

1 Min Read
پاڪستان

بلوچستان مسئلن جو سياسي بنيادن تي حل ڪڍيو وڃي: لياقت بلوچ

لاهور(ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي وفد ملاقات ڪئي،…

1 Min Read
علاقائي

وينزويلا تي آمريڪا جو حملو

وينزويلا تي آمريڪا جو حملو، صدر نکولس مادورو ۽ انهن جي زال سيليا فلورس جو اغوا سامراجي جارحيت آهي. هي…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?