لاڙڪاڻو( رپورٽ عادل خان) سنڌ جي ناليواري تعليم دوست اڳواڻ عارف قريشي کي انٽرنيشنل سماجي تنظيم ڊيولپمينٽ آف هيومن ريسورسز طرفان پرائمري تعليم لاءِ بھترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي مليل ايوارڊ جي خوشيءَ ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو طرفان سنڌ جي ثقافتي سنڌي اجرڪ جو تحفو پيش ڪندي مبارڪباد ڏني وئي. انهيءَ موقعي تي پ ٽ الف اڳواڻ مشتاق وگھامل، شاھنواز ڪيھر. عبدالحامد غوري، ماما عبدالڪريم قريشي. غلام حسين ڪاتيار. غلام رسول جانوري، عبدالوحيد نظاماڻي، عبدالطيف زئنور. مھراڻ بادشاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. آل سنڌ پرائمري ٽيچرس ايسوسيشن پ ٽ الف جي مرڪزي صدر حاجي شفيع محمد سٺيو چيو ته عارف قريشي هڪ بهترين علم دوست استاد آهي، جنهن جي استاد جدوجهد ۾ پڻ هڪ تاريخ رهي آهي، هو ڪيترين ئي خوبين جو مالڪ آهي ۽ تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ وڏيون ڪوششون ڪندو رهيو آهي. هو پنهنجي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ تعليمي نصابي ۽ غير نصابي سرگرمين ۾ نمايان ڪم ڪيو آهي. استادن جي نمائنده جماعت پ ٽ الف طرفان به عارف قريشي کي مڃتا ايوارڊ ملڻ قابل تعريف عمل آهي
.
