شڪارپور:(رپورٽ مومن علي مھر)
جيها ڏاهاڻي خوني تڪرار جو جرڳو، ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور 8 ڪروڙ 44 لک رپيا ڏنڊ مقرر، ڌريون کير کنڊ ٿي ويون..
شڪارپور ۾ جيها ۽ ڏاهاڻي برادرين وچ ۾ هلندڙ ڊگهي خوني تڪرار جو نبيرو ايم اين اي مير نادر خان مگسي ۽ سردار ذوالفقار خان ڪماريو جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جي جاني ۽ مالي نقصان جو حساب ڪتاب ڪري مجموعي طور 8 ڪروڙ 44 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
جرڳي جي فيصلي موجب ڏاهاڻي ڌر مٿان جيها ڌر جا 13 قتل ٿيڻ تي 3 ڪروڙ 90 لک رپيا، زخمين جا 12 لک رپيا ۽ ڪارنهن جي معاملي جا 45 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته وچ واري عورت جي رقم 40 لک رپيا مقرر ٿيڻ بعد ان جا اڌ 20 لک رپيا جيها ڌر ۽ 20 لک رپيا ڏاهاڻي ڌر تي رکيا ويا. اهڙي ريت ڏاهاڻي ڌر مٿان مجموعي طور 4 ڪروڙ 67 لک رپيا ڏنڊ مقرر ٿيو.
جڏهن ته جيها ڌر مٿان ڏاهاڻي ڌر جا عورتن سميت 9 قتل ۽ معصوم ٻار جي قتل سميت ٻين نقصانن جي مد ۾ مجموعي طور 3 ڪروڙ 77 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو.
اهڙي ريت ٻنهي ڌرين تي مجموعي طور 8 ڪروڙ 44 لک رپيا ڏنڊ مقرر ٿيو، جنهن بعد جرڳي ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ٺاهه ڪرائي کين کير کنڊ ڪيو ويو.
