• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    دنياسائنس ٽيڪنالاجي
    هٿرادو ڏاهپ انسان لاءِ حقيقي خطرو بڻجڻ لڳي!

    ڇا توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته هڪ اهڙو دور اچي رهيو آهي جتي مشينون…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: بدين فڪرِ اقبال تعليمي ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان منعقد، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڀرپور شرڪت
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
پاڪستان

بدين فڪرِ اقبال تعليمي ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان منعقد، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڀرپور شرڪت

admin
Last updated: November 10, 2026 6:04 am
admin
Share
SHARE

بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين فڪرِ اقبال تعليمي ڪانفرنس ڪاميابيءَ سان منعقد، شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڀرپور شرڪت، مختلف مقابلن جو اهتمام، نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردن ۾ انعام ۽ اعزازي شيلڊون ورهايون ويون.علامه محمد اقبال جي 150هين جنم ڏهاڙي (1877ع کان 2027ع) جي سلسلي ۾ جاري تقريبن جي تسلسل ۾ تنظيم اساتذه پاڪستان ضلعي بدين جي اهتمام هيٺ ۽ بزمِ فڪرِ اقبال انٽرنيشنل سنڌ جي خاص سهڪار سان 9 نومبر 2026ع تي گورنمينٽ اسلاميه ڊگري ڪاليج بدين جي آڊيٽوريم هال ۾ هڪ شاندار فڪرِ اقبال تعليمي ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي.تقريب جي صدارت ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر خادم حسين مخدوم ڪئي، جڏهن ته خاص مهمانن ۾ پروفيسر رئيس احمد منصوري، صدر تنظيم اساتذه پاڪستان سنڌ، پروفيسر عبدالحفيظ احمداڻي، سيڪريٽري تنظيم اساتذه پاڪستان سنڌ ۽ ٻيون معزز شخصيتون شامل هيون.تقريب ۾ الله بچايو هاليپوٽو، ضلعي امير جماعت اسلامي بدين، موسيٰ ملاح منصوري، پروفيسر رائو محمد اعظم، صدر تنظيم اساتذه پاڪستان ضلع بدين، عبداللطيف کوسو، سيڪريٽري تنظيم اساتذه ضلع بدين، شهزاد رشيد ڪمبوھ، صدر الخدمت مدارس ضلع بدين، پروفيسر فياض کٽي، غلام شبير اعواڻ، سينيئر استاد ۽ اڳوڻو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر بدين سيد عمران شاهه، سليم جوڻيجو، سماجي ڪارڪن، حسنين نظاماڻي، ضلعي ناظم اسلامي جمعيت طلبه بدين سميت سوين استادن، شاگردن، شاگردياڻين ۽ علم ۽ ادب سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي. ڪانفرنس جا مختلف سيشن ۽ مقابلا ڪانفرنس دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين جي علمي، ادبي ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ مختلف مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو، جن ۾:بيت بازي ۽ ڪلامِ اقبال جو مقابلو، جنهن جي صدارت پروفيسر رائو محمد اعظم ڪئي.اقباليات ڪوئيز مقابلو، جنهن جي صدارت پروفيسر فياض کٽي ڪئي تقريرن جو مقابلو، جنهن جي نگراني سينيئر استاد اعجاز نهڙيو ۽ سيف الله احمداڻي ڪئي.شاگردن ۽ شاگردياڻين انهن مقابلن ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو ۽ پنهنجي صلاحيتن جو شاندار مظاهرو ڪيو. مختلف مقابلن ۾ نمايان پوزيشنون حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ۽ اعزازي شيلڊون ورهايون ويون.
مقرررن جا خطاب ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مقررن علامه اقبال جي فڪر ۽ تعليمات جي ترويج، اشاعت ۽ فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو. هنن استادن کي اپيل ڪئي ته اهي نئين نسل کي فڪرِ اقبال کان روشناس ڪرائين ۽ شاگردن ۾ خودي، خود اعتمادي، بلند حوصلو، ڪردار سازي ۽ ملت جي اجتماعي شعور کي هٿي وٺرائين.مقرررن فروغِ اقباليات جي حوالي سان تنظيم اساتذه پاڪستان جي علمي ۽ فڪري خدمتن کي ساراهيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته تعليمي ادارن ۾ فڪرِ اقبال جي واڌاري لاءِ اهڙن پروگرامن جو انعقاد وقت جي اهم ضرورت آهي.ان موقعي تي بزمِ فڪرِ اقبال انٽرنيشنل سنڌ جي صدر پروفيسر رائو محمد اعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪلامِ اقبال جو مطالعو رڳو ادبي ذوق جي تسڪين جو ذريعو نه، پر اسان جي فڪري، اخلاقي ۽ عملي زندگيءَ جي تعمير جو هڪ اهم وسيلو پڻ آهي. استادن ۽ شاگردن کي گهرجي ته اهي اقبال جي پيغام کي سمجهن، ان تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ پنهنجي انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ ۾ ان تي عملي طور عمل ڪن.اظهارِ تشڪرهن ڪامياب ڪانفرنس جي انعقاد تي سمورن معزز مهمانن، مقررن، استادن، منتظمين، شاگردن ۽ شاگردياڻين، سهڪار ڪندڙن ۽ خاص طور تي بزمِ فڪرِ اقبال انٽرنيشنل سنڌ جي ذميوارن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيا ويا، جن جي سهڪار، محنت ۽ دلچسپيءَ سان هي علمي ۽ فڪري اجتماع ڪاميابيءَ سان پڄاڻيءَ تي پهتو.
هيءَ ڪانفرنس ان عزم جي تجديد آهي ته علامه اقبال جي پيغامِ خودي، عشقِ رسول ﷺ، عمل، يقين ۽ ملت جي اجتماعي شعور کي نئين نسل تائين پهچائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيون وينديون.
تنظيم اساتذه پاڪستان، ضلع بدين بزمِ فڪرِ اقبال انٽرنيشنل، صوبو سنڌاقبال جو پيغام، نئين نسل جي نالي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article سکر ۾ رٽائڊ استادن رٽائرڊ ٽيچر ايسوسيئيشن پاران پنهنجي مطالبي جي مڃتا لاءِ احتجاج
Next Article  ڀرياروڊ ۾ بدامني خلاف شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪري سڄو ڏينهن فاروق اعظم چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا ۔ ڊي ايس پي ڀريا ۽ ايس ايڇ او ڀرياروڊ پاران پنجن ڏينهن اندر ڏوه واپس ڪرائڻ جي  يقين ڌياني بعد ڌرڻو ختم
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

نئون ديرو: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عدالت ۾ پيشي لاءِ ويندڙ 2 نوجوان قتل

نئون ديرو: (اڱارو: 15 سيپٽمبر 2026ع)  ڳڙهي خدابخش ڀٽو ٿاڻي جي حد سم شاخ وٽ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ…

By admin
1 Min Read

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد پير غلام…

November 25, 2026

صدر نديم احمد صديقي، سينيئر نائب صدر محمدفهد ميان ۽ نائب صدر عرفان عاربياني سان ملاقاتڪئي ۽ کين نئين ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪبادپيش ڪئي

حيدرآباد ( محبوب حسين بزدار)ڊسٽرڪٽ هيلٿ…

November 25, 2026

بورڊ آف روينيو جي مختلف سيڪشن جوڪم بند ڪنديمک گيٽ اڏوملازمن علامتي بک هڙتال شروع ڪري ڏني

حيدرآباد (محبوب حسين بزدار )بورڊ آف…

November 25, 2026

ٻارن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي

مٽياري(رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش…

November 25, 2026

سيکاٽ کان حاجي خير محمد سمون ڪوٽ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم شروع ٿي ويو آهي

مٽياري (رپورٽ زبيراحمدڪلھوڙو)سيکاٽ کان حاجي خير…

November 25, 2026

You Might Also Like

پاڪستان

جوا پروموشن ڪيس: يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي سميت ٻين جوابدارن کي فردِ جرم لاءِ طلب

لاهور: مقامي عدالت يوٽيوبَر سعد الرحمان عرف ڊڪي کي جوا پروموشن واري ڪيس ۾ فردِ جرم لاءِ طلب ڪري ورتو…

2 Min Read
پاڪستان

فنگرپرنٽ تصديق ۾ مسئلو ختم، نادرا ۾ فيس بائيو ميٽرڪ تصديقي سهولت جو آغاز

اسلام آباد: نادرا پاران چهري جي سڃاڻپ تي ٻڌل بائيو ميٽرڪ تصديقي سهولت شروع ڪري ڏني وئي آهي، جنهن سان…

2 Min Read
پاڪستان

سنڌ حڪومت کان سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز (SSI) جي بحالي جو مطالبو

سنڌ حڪومت پاران تعليمي سال 2021-2022ع دوران سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز (SSI) جون مقرريون ڪيون ويون هيون. ان مقصد لاءِ باقاعده…

2 Min Read
پاڪستان

حيدرآباد هوسٽ لائنز ڪلب پاران 53هين ميگا مفت اکين جي ڪيمپ جو انعقاد قابلِ تحسين آهي، ڪلب جو صدر محمد آصف ميمڻ

حيدرآباد ( محبوب حسين بوزدار ) حيدرآباد چيمبر آف اسمال ٽريڊرز اينڊ اسمال انڊسٽري جي صدر نديم احمد صديقي جي…

3 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?