ضلعو سانگهڙ(رپورٽ غلام رسول ناريجو)
سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ سنڌ حڪومت پاران هڪ کان 25 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن کي ڪڻڪ جي مد ۾ سبسڊي فراهم ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ زراعت کاتي جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر منٺار علي پنھور سميت ٻيا لاڳاپيل آفيسر، سمورا اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار پڻ شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ ڪڻڪ، ٻج ۽ زرعي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ جي طريقيڪار، حقدار آبادگارن جي نشاندهي، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ حڪومتي پاليسي موجب سبسڊي جي فراهمي بابت مختلف معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته ڪڻڪ سبسڊي جي سموري عمل ۾ مڪمل شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سمورا لاڳاپيل کاتا پاڻ ۾ رابطي ۽ سهڪار سان پنهنجون ذميواريون ادا ڪن، جڏهن ته مڪمل تصديق کانپوءِ حقدار آبادگارن کي تصديقي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيا وڃن.هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته حڪومتي پاليسي تحت مستحق آبادگارن تائين سبسڊي جا فائدا پهچائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن ۽ ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت يا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.
سانگهڙ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ سنڌ حڪومت پاران هڪ کان 25 ايڪڙ زمين رکندڙ آبادگارن کي ڪڻڪ جي مد ۾ سبسڊي فراهم ڪرڻ ۽ ان سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس منعقد ٿي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
