سهراب ڳوٺ جي ڀرسان کليل نالي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙو گم ٿي ويو جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان به ٻڏي فوت ٿي ويو.
سهراب ڳوٺ ٿاڻي جي حد واري علائقي مڇر ڪالوني ۾ واقع نور اسلام مسجد جي ڀرسان کيڏندي معصوم ٻار کليل ناري ۾ ڪري ٻڏي ويو، ٻار کي بچائڻ جي لاءِ نالي ۾ ٽپو ڏيندڙ نوجوان به ٻڏي فوت ٿي ويو.
ٻارڙي کي بچائڻ لاءِ نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 17 ورهين جي گلاب ولد منظور جي نالي سان ٿي جنهن جي لاش عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪئي وئي آهي. گم ٿي ويل ٻار جي سڃاڻپ چئن ورهين جي شاويز ولد جاويد جي نالي سان ٿي جنهن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو اهلڪار نالي ۾ سرچ آپريشن ۾ مصروف آهن.
ايس ايڇ اڇ سهراب ڳوٺ گل بيگ پنجيرو ٻڌايو ته 4 ورهين جو شاويز سائيڪل هلائي رهيو هو ته اوچتو سائيڪل سميت نالي ۾ ڪري پيو، واقعي واري هنڌ موجود نوجوان واٽهڙو ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي نالي ۾ ٽپو ڏنو جنهن سبب هو پاڻ به ٻڏي فوت ٿي ويو.
ريسڪيو ترجمان 1122 سنڌ موجب سينٽرل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول کي نالي ۾ ٻار جي ڪرڻ جي رپورٽ ملندي ئي واٽر ريسڪيو وهيڪل، غوطه خورن ۽ ايمبولينس تي ٻڌل ٽيم فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهتي، ريسڪيو ڪارروائي جي دوران ٻار کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي نالي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل نوجوان جي لاش نالي مان ڪڍي ورتي، جڏهن ته گم ٿي ويل ٻار جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.
