حيدرآباد (رپورٽ ذوالفقار علي)غني پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ڪولاب جيئل ۾ شاعرِ مشرق علامه محمد اقبال جي جنم ڏينهن جي سلسلي ۾ هڪ پروقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن ۾ استادن، شاگردن ۽ علائقائي شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تقريب جو مهمانِ خاص انفارميشن آفيسر پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آئي ڊي) حيدرآباد وشال امير هئو جنهن پنهنجي خطاب ۾ اردو شاعريءَ جي عظيم استاد شاعرن مرزا اسد خان غالب، مير تقي مير ۽ علامه محمد اقبال جي شاعريءَ جو تفصيلي ۽ تقابلي جائزو پيش ڪيو. سندن چوڻ هو ته جتي مير جي شاعريءَ ۾ غم و سوز ۽ غالب وٽ فڪر و فلسفي جي جهلڪ ملي ٿي، اتي علامه اقبال پنهنجي شاعريءَ ذريعي امت کي خودي، عملِ پيهم ۽ بيداريءَ جو درس ڏنو آهي.ان موقعي تي اسڪول جي پرنسپال گلشن علي ابڙو خطاب ڪندي علامه اقبال جي عالمگير پيغام ۽ بالخصوص نوجوان نسل لاءِ سندن افڪار تي روشني وڌي. هن چيو ته اقبال جو فلسفهِ خودي اسان جي ٻارن جي ڪردار سازي ۽ روشن مستقبل لاءِ مشعلِ راھ آهي.تقريب دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين علامه اقبال جي قومي و فڪري خدمتن جي اعتراف ۾ فڪر انگيز تقريرون ڪيون ۽ سندن مشهور منظومات تي خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا، جنهن کي حاضرين بي حد ساراهيو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي پاڪستان جي ترقي، خوشحالي ۽ ملڪي سلامتيءَ لاءِ دعائون گهريون ويون.
غني پبلڪ ايليمينٽري اسڪول ڪولاب جيئل ۾ يومِ اقبال جي پروقار تقريب، انفارميشن آفيسر پي آئي ڊي حيدرآباد وشال امير جي بحيثيتِ مھمانِ خاص شرڪت
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
