لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)لاڙڪاڻي ضلعي جي يونين ڪائونسل رشيد وڳڻ تي چيئرمين جي خالي پيل سيٽ تي ٿيندڙ اليڪشن جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، عدنان الطاف انڙ ۽ ٻين جي صدارت هيٺ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ اسد اللہ ڀٽو، عزيز ﷲ ابڙو، خان ابڙو، فاروق جيسر، نظر محمد ابڙو، عبدالڪريم ابڙو، سرائي ذوالفقار علي گاڏهي، الطاف حسين شيخ، عمير وڳڻ ، عامر وڳن، صابر حسين جيسر، سڪندر شاھاڻي، ارباب جيسر، محمد حنيف ابڙو، علي حسن جيسر، ديدار علي جيسر، صدام جيسر، مولا بخش جيسر، محمد رمضان جيسر، سڌير احمد جماراڻي، ضياء الدين ابڙو سميت علائقي جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پ پ پ اڳواڻ طارق انور سيال چيو ته اسان اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور تي يقين رکون ٿا، ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي واحد جماعت آهي، جنهن هميشه عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ بهترين ڪم ڪيا آهن. عدنان خان انڙ چيو ته اڄوڪي گڏجاڻي ۾ موجود سمورا ماڻهو طفيل احمد جماراڻي جي حمايت ڪن ٿا ۽ علائقي جي سمورن ووٽرن کي اپيل آهي ته پنهنجي ووٽ جو صحيح استعمال ڪندي طفيل احمد جماراڻي کي ڪامياب بڻائين. هوڏانهن گڏجاڻي ۾ مختلف برادرين جي معززين پاران پيپلز پارٽي طرفان نامزد ڪيل اميدوار طفيل احمد جماراڻي جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي کيس ڪامياب بڻائڻ جو عزم ورجايو ويو.
لاڙڪاڻي ضلعي جي يونين ڪائونسل رشيد وڳڻ تي چيئرمين جي خالي پيل سيٽ تي ٿيندڙ اليڪشن جي حوالي سان پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي باقراڻي جي صدر طارق انور سيال، عدنان الطاف انڙ ۽ ٻين جي صدارت هيٺ ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
