لاڙڪاڻو (رپورٽ عادل خان)ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شيراز نذير، سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر نويد عباس، لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ضلعن جي ايس ايس پيز، ايس پي اسپيشل برانچ لاڙڪاڻو ڪرنل امير مختيار، 51 ونگ شهباز رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سڪيورٽي صورتحال، هاءِ وي تي ڦرلٽ جي روڪٿام ۽ ڏوهاري عنصرن خاص ڪري هٿيار iڦٽا ڪندڙن جي ڪيسن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.گڏجاڻي ۾ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جناب ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو چيو ته پنجن ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ، عوام جي جان و مال جي تحفظ ۽ شاهراهن تي مسافرن ۽ شهرين کي محفوظ سفر ڪرڻ لاءِ موثر ۽ مربوط قدم کنيا ويا آهن.هاءِ وي تي ڦرلٽ ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪارروايون تيز ڪرڻ، اهم شاهراهن تي پوليس گشت ۽ ڏوهاري عنصرن جي سرگرمين تي ڪڙي نظر رکڻ سميت ٻيا معاملا غور هيٺ رهيا.اجلاس ۾ هٿيار ڦٽا ڪندڙن جي ڪيسن جو به جائزو ورتو ويو ۽ لاڳاپيل آفيسرن کي قانون موجب ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي.ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو صاحب واضح ڪيو ته عوام جي جان و مال جو تحفظ، امن امان جو قيام ۽ قانون موجب ڏوهاري عنصرن جو خاتمو لاڙڪاڻو رينج پوليس جي اولين ترجيح آهي.
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو شيراز نذير، سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر نويد عباس، لاڙڪاڻو رينج جي پنجن ضلعن جي ايس ايس پيز، ايس پي اسپيشل برانچ لاڙڪاڻو ڪرنل امير مختيار، 51 ونگ شهباز رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
