ڪراچي (28 جون 2026): نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) قومي سڃاڻپ ڪارڊ تي گهر جو پتو تبديل ڪرائڻ جو آسان طريقو جاري ڪري ڇڏيو آهي.
نادرا شهرين جي سهولت لاءِ هڪ وڊيو جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ تي پتو تبديل ڪرائڻ جو مڪمل طريقو ٻڌايو ويو آهي. رڳو مستقل پتو ئي نه، پر ڪرائي جي گهر ۾ رهندڙ شهري پڻ آساني سان پنهنجو پتو تبديل ڪرائي سگهن ٿا.
جيڪڏهن ڪو شهري ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿو ۽ پنهنجو عارضي پتو تبديل ڪرائڻ چاهي ٿو ته کيس هيٺيان ٻه دستاويز پيش ڪرڻا پوندا:
- ڪرائي نامي جي ڪاپي
- بجلي جي بل جي ڪاپي
۽ جيڪڏهن ڪو شهري چاهي ٿو ته سندس سڃاڻپ ڪارڊ تي مستقل پتي طور به ڪرائي واري گهر جو پتو درج ڪيو وڃي ته ان لاءِ مٿين دستاويزن سان گڏ هي اضافي دستاويز پڻ گهربل هوندو:
- گهر جي مالڪ جو حلفي بيان، جنهن ۾ مالڪ اهو بيان ڏئي ته هن گهر مذڪوره شهري کي ڪرائي تي ڏنو آهي ۽ کيس ان ڳالهه تي ڪو اعتراض ناهي ته هو پنهنجي سڃاڻپ وارن دستاويزن ۾ ان کي مستقل پتي طور درج ڪرائي.
نادرا موجب، جيڪڏهن گهر شهري جي پنهنجي ملڪيت هجي ته ان صورت ۾ کيس گهر جا اصل ملڪيت وارا ڪاغذ ڏيکارڻا پوندا. نادرا آفيس ۾ انهن اصل دستاويزن کي اسڪين ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به فوٽو ڪاپي جي ضرورت نه هوندي.
