سڪرنڊ ( رپورٽ راج ڪماراوڏ) دل جي ماهر ڊاڪٽر اي ڊي ڪيريو پاران انسانيت جي خدمت خاطر ٽن مرحلن ۾ مفت اکين جي ڪيمپ لڳائڻ تي رئيس واجد علي چانڊيو ۽ ڪيمپ کي بهترين ڪورج ڏئي عوام تائين ميڊيا ذريعي پيغام پهچائڻ تي سڪرنڊ پريس ڪلب جي ٽيم کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ ۾ سندن حوصله افزائي لاءِ “ ٽي پارٽي “ جو اهتمام ڪيو جنهن ۾ تعلقه اسپتال جو ايم ايس ڊاڪٽر امتياز چانڊيو ، رئيس شان علي چانڊيو ، سينيئر صحافي قاضي جاويد سنائي ، سڪرنڊ پريس ڪلب جو جنرل سيڪريٽري غلام نبي ملاح . رئيس شاهنواز چانڊيو ، جاکوڙي صحافي بشير لاشاري شريڪ هئا ان موقعي تي ڊاڪٽر اي ڊي ڪيريو ڳالهائيندي چيو ته موجوده دور ۾ ٽائيم ڪڍڻ ، خرچ ڪرڻ ۽ محنت ڪرڻ ڪنهن جهاد کان گهٽ ناهي سلام آهي مرحوم رئيس فرمان خان چانڊيو جي ڀائرن ۽ اولاد کي جن مفت اکين جي ڪيمپ لڳائي جتان 800 مريضن فائدو حاصل ڪيو ان ڪري سندن محنت کي مڃتا ڏيڻ ۽ صحافين پاران ڀرپور ڪوريج ڪرڻ تي ” ٽي پارٽي “ جو اهتمام ڪيو آهي جنهن تي رئيس واجد علي چانڊيو ۽ قاضي جاويد سنائي الڳ الڳ ڳالهائيندي چيو ته اصل ۾ حوصلو ۽ خلوص ڪم ڪرائيندو آهي جيڪڏھن اوهان ۾ اهي ٻئي ڳالهيون آهن ته ڪم ڪرڻ جا گس پاڻ نڪري پوندا آهن آخر ۾ ميڊيڪل سپريڊنٽ ڊاڪٽر امتياز حسين چانڊيو سمورن مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو :
