سڪرنڊ رپورٽ راج ڪماراوڏ
سڪرنڊ ۾ پيرسن جو بااثر ڌرين پاران زمين تي قبضي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف احتجاج. سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ صوبدار حاجاڻو جي رهواسي پيرسن ماهي خان حاجاڻو سڪرنڊ ميڊيا سينٽر پهچي احتجاج ڪندي چيو آهي ته منهنجو سالو عاشق حسين حاجاڻو بااثر ڌرين سان گڏجي منهنجي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو ۽ مون کي موتمار ڌمڪيون پڻ ڏئي رهيو آهي. منهنجي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي. آئون دل جو مريض آهيان منهنجا يتيم ڀائيٽا مون سان گڏ آهن جنهن جي مان مڪمل پرگهور لهندو آهيان ۽ هر خرچ پڻ ڏيندو آهيان. انهن جي زمين تي به هو قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته علائقي جي معزز امتياز راهو ۽ مولوي زين العابدين راهو وٽ اسان جو فيصلو پڻ ٿي چڪو آهي. جيڪو مون فيصلو قبول ڪيو آهي پر منهنجو سالو فيصلو قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مون کي حراسان ڪري ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي. هن صدر پاڪستان آصف علي زرداري ، وزير اعليٰ سنڌ ، آئي سنڌ ، ايس ايس پي شهيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو آهي ته مون سان انصاف ڪري منهنجي مٿان ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ مون کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
سڪرنڊ ۾ پيرسن جو بااثر ڌرين پاران زمين تي قبضي ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ خلاف احتجاج
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
