سعودي عرب جي شهر مڪي ۾ هڪ غيرمعمولي فلڪي واقعو سال ۾ ٻه ڀيرا پيش اچي ٿو، جڏهن سج ڪعبي شريف جي بلڪل مٿان اچي ويندو آهي ۽ ان جو پاڇو تقريبن غائب ٿي ويندو آهي.
فلڪياتي ماهرن موجب، اهو واقعو عام طور 28 مئي ۽ 15 يا 16 جولاءِ ڌاري پيش اچي ٿو. ان وقت سج جون ڪرڻون ڪعبي شريف تي لڳ ڀڳ سڌيون پونديون آهن، جنهن سبب عمودي شين جا پاڇا انتهائي ننڍا ٿي ويندا آهن.
هن واقعي جي هڪ خاص ڳالهه اها به آهي ته دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود مسلمان سج جي ان بيهڪ ۽ عمودي شين جي پاڇي وسيلي قبلي جو رخ معلوم ڪري سگهن ٿا. ان وقت پاڇي جو رخ قبلي جي ابتڙ هوندو آهي.
سعودي پريس ايجنسي موجب، 28 مئي 2026ع تي به اهو واقعو پيش آيو، جڏهن مڪي ۾ منجهند 12 لڳي 18 منٽن تي سج ڪعبي شريف جي بلڪل مٿان لڳ ڀڳ 90 درجا اوچائيءَ تي پهتو.
فلڪيات جي ماهرن موجب، اهو قدرتي واقعو ڌرتيءَ جي محوري لاڙي ۽ سج جي ظاهري سالياني حرڪت سبب ٿيندو آهي.
