الي ووڊ اداڪار گووندا ۽ اداڪارا ڪومل راڻي جون گڏ ڪڍيل تصويرون سماجي رابطن جي ماڳن تي وائرل ٿي ويون آهن، جن تي واهپيدارن طرفان مختلف تبصرا ڪيا پيا وڃن.
وائرل تصويرن ۾ ڪومل راڻي کي واڱڻائي رنگ جي ساڙهي ۽ گووندا کي ڪوٽ پينٽ پهريل ڏسي سگهجي ٿو. تصويرن تي مداحن مليل جليل ردعمل ظاهر ڪيو آهي. هڪ واهپيدار لکيو ته جيڪڏهن ڪنهن مرد وٽ پئسو هجي ته هو ڪنهن به عمر ۾ محبت ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته ڪيترن ئي ماڻهن ڳاڙهن دلين وارا نشان موڪلي پنهنجي پسنديدگي ظاهر ڪئي.
گووندا ۽ سندس گهرواري سنيتا آهوچا وچ ۾ عليحدگي ۽ طلاق جون افواهون ان وقت سامهون آيون هيون، جڏهن اداڪار ۽ ڪومل راڻي جي دوستيءَ جون خبرون گردش ڪرڻ لڳيون هيون. ان کانسواءِ گووندا پنهنجي نئين فلم جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهرڻ خاطر ڪومل سان گڏ مندر پڻ ويو هو.
ان کان اڳ اداڪار ٻڌايو هو ته هو پنهنجي فلم ’روپا‘ جي ڪاميابيءَ لاءِ ممبئي جي مشهور مندر ’لال باغچا راجا‘ ويو هو. سندس چوڻ هو ته ان کان اڳ به هو ڪرشما ڪپور ۽ روينا ٽنڊن سان گڏ مندر وڃي فلم جي ڪاميابيءَ لاءِ دعائون گهري چڪو آهي. ڊگهي عرصي کانپوءِ فلمن ۾ واپسيءَ سبب هن ڀيري به پنهنجي نئين فلم لاءِ دعائون گهريائين.
گووندا پنهنجي نئين فلم بابت ٿيندڙ بحث تي ردعمل ڏيندي چيو هو ته فلم جو ڪم اڃا شروع ئي ڪيو اٿس، پر ان بابت اڳ ئي ايتريون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. ماڻهن جي سوالن تي هن چيو ته جيڪڏهن هو ٻيهر خبرن ۾ اچي رهيو آهي ته ڪنهن کي ان تي اعتراض ڇو هئڻ گهرجي؟
اداڪار دعويٰ ڪئي هئي ته سندس خلاف رٿابنديءَ سان مهم هلائي پئي وڃي، جنهن جو مقصد کيس ڪٽنب کان پري ڪرڻ ۽ سماج ۾ سندس ساک کي نقصان پهچائڻ آهي.
