راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 16 خوارج مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جا 2 جوان شهيد ٿي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ خارجن جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروايون ڪيون، جن دوران گذريل 12 ڪلاڪن ۾ 16 خارجي مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته علي خيل ۾ ڪارروائي دوران 12، ميرعلي ۾ 2 ۽ دته خيل ۾ پڻ 2 خارجي مارجي ويا. مارجي ويل خارجين ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنه الخوارج جا 2 افغان شهري پڻ شامل آهن.
آءِ ايس پي آر موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران پاڪ فوج جا 2 بهادر جوان پڻ شهيد ٿي ويا، جن ۾ 43 ورهين جو حوالدار عصمت علي ۽ 32 ورهين جو نائڪ آفتاب علي شامل آهن.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته شهيد حوالدار عصمت علي جو تعلق صوابي ضلعي سان، جڏهن ته شهيد نائڪ آفتاب علي جو تعلق مردان ضلعي سان هو. ٻنهي جوانن بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪاررواين دوران خوارج جي نيٽ ورڪ کي وڏو ڌڪ رسيو، جڏهن ته مارجي ويل خوارج جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل خوارج معصوم شهرين جي قتل سميت ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر چيو آهي ته عزمِ استحڪام تحت دهشتگرديءَ خلاف مهم پوري رفتار سان جاري رهندي ۽ ملڪ مان پرڏيهي سرپرستيءَ هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڪارروايون جاري رکيون وينديون. پاڪ فوج جي جوانن جون قربانيون دهشتگرديءَ خلاف اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.
