حيدرآباد (محبوب حسين بوزدار)سنڌ پريس ڪلب پليجاڻي پاران. سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪ رياض عمراڻي پاران سلسليوار آواز ادب مئگزين. جي رونمائي تقريب،سنڌ پريس ڪلب پليجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع. مٽياري جي اڳوڻي رابطا سيڪريٽري سيد امداد علي شاھ بخاري جي صدارت ھيٺ ٿي جڏھن ت مھمان خاص اسڪالر رائو مظھر خانيوال. ھو ۽ اعزازي مھمانن ۾ سنڌي ادبي سنگت ضلع مٽياري جو رابطا سيڪريٽري اداس سولنگي، اڪرم ڇيپا سفر نامہ نگار، اواز، ادب جو ايڊيٽر رياض عمراڻي، پير نويد شاھ ھاشمي، سھراب ٻاٽي ھئا. پروگرام جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي. جنھن جو شرف سليمان سمون حاصل ڪيو. ان بعد مشھور راڳي رامچند ۽ پنھون شاھ عنات رضوي جي وائي پيش ڪئي.. منھنجي سيد سار لھندو. ان بعد ايل مھمانن کي آجياڻو ساگر سولنگي پيش ڪيو ۽ مھمانن کي گلن جا ھار پيش ڪيا ويا. ۽ آواز ادب مئگزين جو مھورت سڀني آيل مھمانن کان ڪرايو ويو. پروگرام. ۾ ڊاڪٽر فتع مري، اسماعيل ڪنڀر ، ڊاڪٽر سليمان جي ابڙو فون تي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌي ادبي سنگت شاخ پليجاڻي ۽ پريس ڪلب جادوست جس لھڻ جن پروگرام ڪري رياض جي ھمت افزائي ڪئي آھي. اسان جون صلاحيتون محدود نہ آھن اسين علم دوست آھيون ھي ميلا ھميشہ قائم دائم رھن. آواز. ادب تمام سٺو ڪم ڪري پئي. رياض ھڪ جاکوڙي ڪردار آھي. نصير مرزا پليجاڻـي جي نمـن جو ذڪر ڪيو، آھي رياض عمراڻـي ھڪ سٺو ليکڪ آھي اخبارن رسالن ۾ لکي رھيو آھي ۽ ڪيترن ئي ڪتابن جو خالق آھي، جيڪو ٻولي ادب ثقافت جي خدمت ڪري رھيو آھي، پروگرام ۾ احمد جسڪاڻي، يوسف لاکو، حاجن پڃارو سليمان سمون ترنم ۾ ڪلام ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. پرگرام. ۾ صحافي اشرف شاھ بخاري، عبدالجبار زرداري، گل محمد سولنگي، رضوان سوھو، جانڻ اوڏ، ۽ ٻين شرڪت. ڪئي. آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت مرڪز جي اڳوڻي عورت جوائنٽ سيڪريٽري نسرين الظاف جي اچانڪ وڇوڙي تي ڏک جو اظھارڪيو ويو ۽ دعا گھري وئي.
سنڌ پريس ڪلب پليجاڻي پاران. سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪ رياض عمراڻي پاران سلسليوار آواز ادب مئگزين. جي رونمائي تقريب
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
