دادو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر مختيار علي جتوئي)ايس ايس پي دادو ڪيپٽن (ر) صدام حسين خاصخيلي جي هدايتن تي ضلعي اندر ڏوهاري عنصرن، روپوش ۽ اشتهاري جوابدارن خلاف دادو پوليس جون ڪارروايون جاري آهن.1\. ٿاڻو ڪي اين شاهه — قتل جي ڪوشش واري ڪيس ۾ روپوش جوابدار گرفتارڪي اين شاهه پوليس ڪارروائي ڪندي قتل جي ڪوشش واري ڪيس ۾ روپوش جوابدار مير خان گاڏهي کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ٿاڻي ڪي اين شاهه تي داخل ڪيس نمبر 184/2026، قلم 324، 147، 148 ۽ 149 پي پي سي ۾ گهربل هو. ايس ايڇ او ڪي اين شاهه جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي جوابدار کي گرفتار ڪيو. وڌيڪ جاچ جاري آهي.2\. ٿاڻو ڪڪڙ — چوري جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار گرفتارايس ايڇ او ٿاڻو ڪڪڙ جي اڳواڻي ۾ ڪڪڙ پوليس ڪارروائي ڪندي چوري جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار مبين عرف مبشر شاهه کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار ٿاڻو ڪڪڙ تي داخل ڪيس نمبر 83/2026، قلم 380 ۽ 457 تعزيرات پاڪستان ۾ گهربل هو.3\. ٿاڻو فريدآباد — ڦر ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي07 نومبر 2026ع تي شاهه گودڙيو روڊ تان دلمراد گائينچو کان ڦر ڪيل موٽرسائيڪل فريدآباد پوليس ڪارروائي ڪندي هٿ ڪري ورتي. هٿ ڪيل موٽرسائيڪل اصل مالڪ دلمراد گائينچو حوالي ڪئي وئي. موٽرسائيڪل واپس ملڻ تي مالڪ پوليس جا ٿورا مڃيا.پوليس موجب ضلعي ۾ ڏوهارين ۽ روپوش جوابدارن خلاف ڪارروايون جاري رهنديون.
دادو پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪارروايون، 2 روپوش جوابدار گرفتار، چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
