سوات: خيبرپختونخوا جي سياحتي علائقي سوات ۾ واقع سيف الله ڍنڍ ۾ سياحن سان ڀريل ٻيڙي اونڌي ٿيڻ واري افسوسناڪ واقعي کان پوءِ پوليس ٻيڙي هلائيندڙ (آپريٽر) کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب حادثي بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ابتدائي ڪارروائي جي سلسلي ۾ ٻيڙي هلائيندڙ کي حراست ۾ وٺي قانوني ڪارروائي ڪئي وئي آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ مختلف پهلوئن کان جاچ جاري آهي.
ٻئي طرف ريسڪيو اختيارين ٻڌايو آهي ته حادثي ۾ لاپتا ٿيل هڪ نينگري جي ڳولا لاءِ چوٿين ڏينهن به سرچ آپريشن جاري رکيو ويو آهي. غوطه خور، ريسڪيو ٽيمون ۽ لاڳاپيل ادارا ڍنڍ ۾ جديد سامان جي مدد سان ڳولا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته خراب پاڻيءَ جي حالتن سبب ريسڪيو آپريشن کي ڪجهه ڏکيائين کي به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ريسڪيو اختيارين موجب ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 6 ڄڻا فوت ٿي ويا هئا، جڏهن ته 2 ڄڻن کي زندهه بچايو ويو. لاپتا نينگري جي ڳولا جاري آهي ۽ اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي ته سرچ آپريشن مڪمل نتيجي تائين جاري رکيو ويندو.
ذريعن موجب حادثي وقت ٻيڙي ۾ لاهور سان تعلق رکندڙ هڪ ئي خاندان جا 9 ڀاتي سوار هئا، جيڪي سوات گهمڻ لاءِ آيل هئا. خوشگوار سير دوران پيش آيل هن المناڪ حادثي سبب خاندان تي ڏک جا پاڇا ڇانئجي ويا.
واقعي کان پوءِ مقامي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ادارن سياحتي هنڌن تي حفاظتي انتظامن جو ٻيهر جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيئن مستقبل ۾ اهڙن افسوسناڪ واقعن کان بچي سگهجي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جاچ دوران ڪنهن به قسم جي غفلت يا لاپرواهي ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.
