شڪارپور(رپورٽ عابدتبسم) شڪارپور۾ٿاڻي دائم ملڪ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ذوالفقار عرف ڪٽو ميراني کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو، جڏهن ته ٿاڻي غلام شاهه پوليس جوابدار محمد سليم عرف سليم کي 500 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو.ٻئي طرف ٿاڻي رستم پوليس گشت دوران جوابدار محمد آصف آرائين کي هڪ ڪلو 5 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو، جڏهن ته ٻي ڪارروائي دوران جوابدار علي رضا گاڏهي جي قبضي مان 502 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.گرفتار جوابدارن خلاف لاڳاپيل ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.ان موقعي تي ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم چيو ته سمورن ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته منشيات جي نيٽ ورڪن جو خاتمو يقيني بڻايو وڃي ۽ ان غيرقانوني ڌنڌي ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.هن وڌيڪ چيو ته منشيات کان پاڪ معاشري جو قيام اسان جي پهرين ترجيح آهي.
شڪارپور ۾ٿاڻي دائم ملڪ پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار ذوالفقار عرف ڪٽو ميراني کي 200 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
