دادو(ڊسٽرڪٽ رپورٽر: مختيار علي جتوئي)دادو خلق جي خدمت آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ميڊم روزينه جتوئي جي ميزباني ۽ اهتمام هيٺ ننڍڙن ٻارن جي تعليم ۽ صحت بابت علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري هال دادو ۾ هڪ شاندار سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾دادو جي سياسي، سماجي، صحافتي ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ عورتن توڙي مردن سميت سوين شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ معزز مهمانن جي آجيان ڪندي کين سنڌ جي ثقافتي سوکڙي اجرڪ ۽ لونگيون پارائي عزت ۽ احترام سان ڀليڪار ڪيو ويو.سيمينار کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي شرڪت ڪندڙ مهمانن چيو ته تعليم هر ٻار جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي، جنهن جي فراهمي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هنن چيو ته افسوس جو اڄ به وڏي تعداد ۾ غريب ۽ مسڪين خاندانن جا ٻار بنيادي تعليمي حق کان محروم آهن. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ان جا سبب معلوم ڪري، مؤثر جاچ ۽ عملي قدم کڻي، جيئن ڪو به ٻار تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم نه رهي.سيمينار دوران مختلف اسڪولن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون پيش ڪيون، جڏهن ته ٻارن پاران ٽيبلوز پڻ پيش ڪيا ويا، جن ذريعي تعليم ۽ صحت جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو.ان موقعي تي خلق جي خدمت آرگنائيزيشن جي چيئرپرسن ميڊم روزينه جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن آرگنائيزيشن پاران ان کان اڳ به اهڙا ڪيترائي پروگرام منعقد ڪيا ويا آهن. هن سيمينار منعقد ڪرڻ جو بنيادي مقصد ٻارن جي تعليم ۽ صحت بابت شعور جو پيغام هر گهر تائين پهچائڻ آهي، ته جيئن ڪوبه ٻار پنهنجي بنيادي حقن کان محروم نه رهي. هن وڌيڪ چيو ته علم انسان جي ٽين اک آهي، تنهنڪري اسان سڀني کي گڏجي ٻارن جي روشن مستقبل، بهتر تعليم ۽ صحتمند زندگي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
ٻارن جي تعليم ۽ صحت بابت دادو ۾ خلق جي خدمت آرگنائيزيشن پاران شاندار سيمينار منعقد، سياسي، سماجي ۽ صحافتي شخصيتن سميت سوين شهرين جي شرڪت
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
