لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ مياڻي نهال ۾ 4 مهينا اڳ مبينا طور پئسن جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان قتل ٿي ويل پورهيت نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن نياز حسين سهتو پنهنجي وارثن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل 27 جولاءِ تي پئسن جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان جوابدار حاڪم عمراڻي، دوست علي جتوئي، غلام حسين جتوئي، محمد يوسف عمراڻي، بشير جتوئي ۽ صابر شاھ منهنجي نوجوان پٽ غلام مصطفيٰ سهتو کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، اهڙي واقعي جو ڪيس پٽ صفدر سهتو جي فرياد تي ڄاڻايل جوابدارن مٿان حد جي آريجا ڦيڙهو ٿاڻي تي داخل ڪرايو جنهن کان پوءِ پوليس ڪاروائي ڪندي ٻن جوابدارن غلام حسين جتوئي ۽ محمد يوسف عمراڻي کي گرفتار ڪيو، جيڪي هن وقت ضمانت تي آزاد گهمي ٻين جوابدارن سان گڏجي پٽ جي قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ اسان کي مسلسل موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جن مان اسان کي جاني نقصان جو خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي، ايس ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي پٽ جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ اسان کي تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪيو وڃي.
لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ مياڻي نهال ۾ 4 مهينا اڳ مبينا طور پئسن جي ڏيتي ليتي واري معاملي تان قتل ٿي ويل پورهيت نوجوان جي قتل ڪيس ۾ ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
