لاڙڪاڻو(رپورٽ عادل خان)همدردڪانٽر يڪٽرايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري افسر علي عباسي، علي رضا کوکر، عاشق علي جوڻيجو ۽ ٻين ٺيڪيدارن لاڙڪاڻو پريس ڪلب۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيوآهي ته اسان پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل کان رجسٽرڊ ٺيڪيدار آهيون، اسان پروفيشنل ڪانٽريڪٽر هميشه سموريون گهرجون پوريون ڪري لاڙڪاڻي سميت ٻين ضلعن جي ٽينڊرن ۾ حصو وٺندا آهيون. هن الزام لڳايو ته 3 مهينا اڳ پراونشل بلڊنگ کاتي جي ايگزيڪيوٽو انجنيئر عارف ڀٽي ٽينڊر جاري ڪيا جن ٽيندڙن کي 3 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻو هو پر ايگزيڪيوٽو انجنيئر سوا سئو ڪروڙ جي 34 ڪمن مان هر هڪ ڪم تي اسان سميت 17 جي لڳ ڀڳ ٺيڪيدارن حصو ورتو پر ان جي باوجود ايگزيڪيوٽو انجنيئر سپرا رولز جي ڀڃڪڙي ڪندي هر هڪ ڪم تي صرف هڪ ٺيڪيدار کي اهل قرار ڏئي پروفيشنل ٺيڪيدارن جي ڪاغذن تي مختلف اعتراض لڳائي انهن جا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا آهن جنهن مان ايگزيڪيوٽو انجنيئر جي بدنيتي ظاهر ٿئي ٿي جنهن ملي ڀڳت ڪري پنهنجي من پسند ٺيڪيدارن کي نوازي ڇڏيو آهي جن پروفيشنل سموريون گهرجون پوريون ڪيون آهن انهن جي حقن تي ڌاڙو هڻي وڏي ناجائزي ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته اسان وٽ اٽينڊنس شيٽ سميت ٻيا ثبوت آهن اهڙيون شڪايتون اسان شڪايتي ڪميٽي کي ڪئي پر اتي به ٺيڪيدارن جي شڪايتن جو ازالو نه ڪيو ويو جنهن ڪري اسان مجبور ٿي اڄ احتجاج طور پريس ڪانفرنس ڪري رهيا آهيون. لاڙڪاڻي ۾ مسلسل اربين ۽ ڪروڙين روپين جا ٽينڊر اچن پيا، اسان پهريان به جدوجهد ڪري 400 ڪروڙ روپين جا ٽينڊر رد ڪرائي ڇڏيا هاڻي به اسان پنهنجي حقن تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته ايگزيڪيوٽو انجنيئر پراونشل بلڊنگ عارف ڀٽي کي عهدي تي هٽائي صاف ۽ شفاف نموني سپرا رولز موجب ٽيندڙ ڪرايا وڃن ٻي صورت اسان عدالت جو در کڙڪائڻ سميت هر فورم تي آواز اٿارينداسين.
همدردڪانٽر يڪٽرايسوسئيشن جي جنرل سيڪريٽري افسر علي عباسي، علي رضا کوکر، عاشق علي جوڻيجو ۽ ٻين ٺيڪيدارن لاڙڪاڻو پريس ڪلب۾ پريس ڪانفرنس ڪندي
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
