بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين سنڌ يونيورسٽي لاڙ ڪيمپس بدين ۾شاگردن جي تخليقي صلاحيتن،ڪاروباري سوچ، جديد ٽيڪنالاجي ۽ علمي سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ جي مقصد سان لاڙ انٽرپرينئرشل گالا 2026ع، آءِ ٽي نمائش، ڪوئل ميگزين جي مهورتي تقريب ۽ اسٽريٽجي، سروس اينڊ ڪاميابي شوڪيس 2026ع جو شاندار انعقاد ڪيو ويو، جنهن ۾ سنڌ حڪومت جي يونيورسٽيز اينڊ بورڊز واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي،جڏهن ته تقريب جي صدارت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته لاڙ ڪيمپس بدين کي جلد يونيورسٽي جو درجو ڏنو ويندو، جڏهن ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ معياري تعليم جي فراهمي ۽ اعليٰ تعليمي ادارن جي ترقي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته لاڙ ڪيمپس جو دورو ڪري کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي،شاگردن پاران تيار ڪيل مختلف منصوبا ۽تخليقي پروجيڪٽس سندن محنت،صلاحيتن ۽ ذهانت جو واضح ثبوت آهن. نوجوانن کي اعتماد سان پنهنجون صلاحيتون پيش ڪندي ڏسي خوشي ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي پهرين ترجيحن ۾ صحت ۽ تعليم شامل آهن، جڏهن ته نوجوانن کي اعليٰ تعليم جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ پارٽي جي منشور جو اهم حصو آهي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد مري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته لاڙ ڪيمپس بدين جي شاگردن ۾ موجود صلاحيتون ٻين ضلعن جي نوجوانن لاءِ پڻ هڪ مثال آهن. هن چيو ته ڪاليج جي تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ڪيترائي شاگرد يونيورسٽي سطح جي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا، جڏهن ته تعليم جو مقصد صرف روزگار حاصل ڪرڻ نه، پر انسان ۾ شعور، سوچ ۽ سمجهه پيدا ڪرڻ پڻ آهي. هن لاڙ ڪيمپس جي شاگردن پاران شهيد فاضل راهو جي شخصيت ۽ جدوجهد بابت لکيل مواد کي ساراهيو هن وڌيڪ چيو ته حاجي احمد ملاح پاران قرآن پاڪ جو منظوم سنڌي ترجمو سنڌ يونيورسٽي طرفان شايع ڪرايو ويندو ان موقعي تي پروفيسر خليل الرحمان کمڀاٽي چيو ته غربت ۽ معاشي ڏکيائين سبب ڪيترائي نوجوان اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي وڃن ٿا، تنهن ڪري تعليمي سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته لاڙ ڪيمپس کي وڌيڪ جاءِ ۽ سهولتن جي ضرورت آهي، جڏهن ته لاڙ جي نوجوانن ۾ موجود ٽيلينٽ ۽ تخليقي صلاحيتون انتهائي معياري آهن لاڙ ڪيمپس بدين جي انچارج پروفيسر ڊاڪٽر محمد طفيل چانڊيو پنهنجي خطاب ۾ ڪيمپس جي تعليمي سفر، سهولتن ۽ ڪاميابين بابت آگاهي ڏيندي چيو ته لاڙ ڪيمپس بدين جو بنياد 2007ع ۾ پيو، جيڪو وقت سان گڏ تعليمي ميدان ۾ اهم اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته ڪيمپس جي لائبريري ۾ 9 هزار 200 کان وڌيڪ ڪتاب موجود آهن، جڏهن ته 28 شاگردن وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت ليپ ٽاپ حاصل ڪيا آهن. شاگردن جي سهولت لاءِ بدين ضلعي جي مختلف شهرن مان مفت بس پوائنٽس پڻ هلايا وڃن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته لاڙ ڪيمپس جا شاگرد ملڪ اندر توڙي عالمي سطح تي مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته هر سال ڪيمپس جي چئن شعبن ۾ مجموعي طور 240 شاگردن کي داخلا ڏني وڃي ٿي تقريب دوران اڪائونٽنگ اينڊ فنانس شعبي پاران لاڙ انٽرپرينئرشل گالا 2026ع جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن پاران پيش ڪيل ڪاروباري خيالن، مختلف اسٽالن ۽ شاگردن جي ڪاروباري منصوبن کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي انگلش اينڊ لينگويج لٽريچر شعبي پاران شهيد محمد فاضل راهو جي نالي سان منسوب خاص ايڊيشن ڪوئل ميگزين جي مهورتي تقريب ۽ پوسٽر پريزنٽيشن پڻ منعقد ڪئي وئي ڪمپيوٽر سائنس شعبي پاران آءِ ٽي نمائش 2026ع جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ شاگردن پنهنجي تيار ڪيل سافٽ ويئر، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل منصوبن ۽ تخليقي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو. اهڙي طرح بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي پاران اسٽريٽجي، سروس اينڊ ڪاميابي شوڪيس 2026ع پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ مارڪيٽنگ حڪمت عملين، ڪميونٽي سروس ۽ يونيورسٽي جي اڳوڻن شاگردن جي ڪاميابين کي اجاگر ڪيو ويو ان موقعي تي تعليمي ادارن ۾ اهڙين سرگرمين جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو، جيڪي شاگردن کي صرف نصابي تعليم تائين محدود رکڻ بدران عملي زندگيءَ جي ضرورتن، جديد ٽيڪنالاجي، ڪاروباري صلاحيتن، تحقيق، جدت ۽ سماجي ذميوارين بابت سکيا جا موقعا فراهم ڪن ٿيون. اهڙن پروگرامن ذريعي شاگردن ۾ خود اعتمادي، تخليقي سوچ، مسئلن کي حل ڪرڻ جي صلاحيت ۽ روزگار توڙي ڪاروبار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي صلاحيت کي هٿي ملي ٿي تقريب ۾ پروفيسر خليل الرحمان ڀٽي، پروفيسر عبدالله ملاح، پروفيسر ڪشن ڪمار، پروفيسر عبدالخالق راڄڙ، پروفيسر عبدالقادر پاٽولي، پروفيسر محمد اسماعيل ڪنڀر، پروفيسر انيلا، خادم ٽالپر مختلف شعبن جي استادن ۽ شاگردن شرڪت ڪئي
بدين لاڙ ڪيمپس بدين ۾ لاڙ انٽرپرينئرشل گالا 2026ع، آءِ ٽي نمائش ۽ علمي سرگرمين جو شاندار انعقاد
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
