مٽياري(رپوٽر علي شير ملاح )مٽياري جمخانا ۾ سوشل ويلفيئر کاتي مٽياري پاران ضلعي انتظاميا مٽياري جي سهڪار سان يونيورسل ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ رنگا رنگ ۽ بامقصد تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جا مهمان خاص ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش ذاڪر هئا.تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد دانش ذاڪر چيو ته ٻار ملڪ جو مستقبل آهن ۽ انهن کي بهترتعليم، صحت، تحفظ ۽ صحتمند ماحول فراهم ڪرڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته ٻارن جي صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ انهن کي سماج جو ذميوار شهري بڻائڻ لاءِ سرڪاري ادارن، والدين ۽ سماجي تنظيمن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن ته ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ جي روڪٿام ۽ خاص ٻارن کي برابر موقعا ڏيڻ پڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.تقريب جي انتظامن ۾ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر ثمينه شيخ ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ارم جلال اهم ڪردار ادا ڪيو. ان موقعي تي ليڊ يوٿ آرگنائيزيشن (LEAD Youth Organization) جي ٽيم پڻ سرگرم نظر آئي، جنهن تقريب ۾ پنهنجو اسٽال لڳايو ۽ ”گرين فيوچر: لٽل انوائرنمينٽل چيمپئنز“ جي عنوان هيٺ ٻارن ۾ ٻوٽا ۽ تحفا ورهايا. ان کان علاوه ليڊ يوٿ آرگنائيزيشن جي ٽيم ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سان گڏ خاص ٻارن ۽ الخدمت فائونڊيشن اسڪول جي يتيم ٻارن ۾ پڻ تحفا تقسيم ڪيا. تقريب ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن پاران تعليم ۽ ٻارن جي حقن جي موضوعن تي ٽيبلوز، جادو جو شو ۽ ٻارن جي تفريح لاءِ دلچسپ سرگرميون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته صحت، تعليم، ثقافت، ليبر، ٻيلن، راندين جي کاتن، ريسڪيو 1122 ۽ اين جي اوز پاران معلوماتي اسٽال ۽ عملي مظاهرا ڪيا ويا، ۽ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ کاتن جي نمائندن کي شيلڊون پڻ ڏنيون ويون. تقريب ۾ سرڪاري آفيسرن، سماجي اڳواڻن، استادن، والدين ۽ ٻارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
مٽياري جمخانا ۾ سوشل ويلفيئر کاتي مٽياري پاران ضلعي انتظاميا مٽياري جي سهڪار سان يونيورسل ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ رنگا رنگ ۽ بامقصد تقريب منعقد ڪئي وئي،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
