بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين پنهنجي جواني وطن جي دفاع لاءِ ارپيندڙ رٽائرڊ آرمي پرسن پوري قوم لاءِ قابل فخر ۽ قابل احترام آهن انهن جا سمورا جائز مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي دربار ھال۾ڊسٽرڪٽ آرمڊ سروسز بورڊ جي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي لاڳاپيل کاتن کي چيو ته رٽائرڊ فوجي ۽ شهيدن جي فيملي جو خاص خيال رکيو وڃي ته جيئن هوءَ ۽ انهن جي ٻارڙن لاءِ تعليم صحت ۽ انصاف جي فراهمي سميت سمورا مسئلا فوري طور تي حل ٿي سگهن ۽ انهن کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيئڻو پوي هن نادرا آفيس سپرنٽينڊنٽ محسن خان کي هدايت ڪئي ته هو نادرا سينٽرن تي رٽائرڊ آرمي پرسن ۽ شهيدن جي ڪٽنب لاءِ سهولتون ڏنيون وڃن هن ڊي ايس پي پوليس سليم رضا پرهياڙ کي پڻ هدايت ڪئي ته پوليس سان لاڳاپيل رٽائرڊ آرمي پرسن جا سمورا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي رٽائرڊ آرمي پرسنس کي مشورو ڏيندي چيو ته هو پنهنجن جائز مسئلن جي حل لاءِ الگ الگ درخواستون ڏيڻ جي بجاءِ پنهنجي لاڳاپيل کاتي ڊسٽرڪٽ آرمڊ سروسز بورڊ جي ذريعي درخواستون اماڻين ته جيئن وقت سر انهن جي مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٻارڙن جي تعليم متعلق ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون ڪاشف رضا منگي چيو ته پرائمري کان ٻارنهن ڪلاس تائين سنڌ سرڪار پاران سڀني ٻارڙن کي مفت تعليم ڏني وڃي ٿي ان لاءِ رٽائرڊ فوجي يا سولين جي ٻارن لاءِ ڪوبه فرق نه رکيو ويو آهي گڏجاڻي ۾ ضلعي بدين جا سمورا اسسٽنٽ ڪمشنرز، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر دين محمد ڏيرو، سپرينڊينٽ نادرا محسن خان ۽ رٽائرڊ آرمي پرسنس وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
بدين پنهنجي جواني وطن جي دفاع لاءِ ارپيندڙ رٽائرڊ آرمي پرسن پوري قوم لاءِ قابل فخر ۽ قابل احترام آهن، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
