بدين (ڊ ر محفوظ شاه )بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش، ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت جو شاندار صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ تي شاگردياڻين ۽ استادن جي محنت کي ساراهيو بدين ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ ۾ منعقد ڪيل اسڪول سطح جي اسٽيم (STEAM) مقابلي جو تفصيلي دورو ڪيو، جتي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران پنهنجي هٿن سان تيار ڪيل سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ رياضي جي موضوعن تي ٻڌل جديد ۽ تخليقي پروجيڪٽس جا خوبصورت ماڊل پيش ڪيا ويا ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت مقابلي ۾ لڳايل مختلف اسٽالن جو دورو ڪري شاگردياڻين پاران تيار ڪيل ماڊلز جو جائزو ورتو ۽ سندن تخليقي صلاحيتن، فني مهارتن ۽ محنت کي ساراهيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٽو راجيش دلپت، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر سرفراز سمون، تعلقا ايجوڪيشن آفيسر عبدالفتاح جوڻيجو، ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن اسٽيم محمد خان سمون، ضلعي جنرل سيڪريٽري پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ ساجده ٽالپر، رئيس عاشق علي گوپانگ، سينيئر صحافي لالا هارون گوپانگ ۽ ٻين چيو ته تعليم کاتي بدين پاران شاگردن کي پنهنجي صلاحيتن ۽ تخليقي سوچ جو اظهار ڪرڻ لاءِ هڪ بهترين پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو آهي، جنهن ذريعي هو پنهنجن خيالن کي عملي شڪل ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ماحولياتي تحفظ، سماجي مسئلن ۽ سائنسي موضوعن تي تيار ڪيل ماڊلز مان ظاهر ٿئي ٿو ته نوجوان نسل جديد دور جي گهرجن کي سمجهڻ ۽ انهن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي هنن وڌيڪ چيو ته شاگردن جي ڪاميابين پٺيان استادن جي محنت، رهنمائي ۽ تربيت جو اهم ڪردار هوندو آهي، تنهنڪري شاگردن سان گڏ استادن جي ڪوششن کي پڻ ساراهڻ ۽ تسليم ڪرڻ ضروري آهي، جيڪي پنهنجي شاگردن جي روشن مستقبل لاءِ محنت ڪري رهيا آهن ان موقعي تي اسڪول هيڊ مسٽريس سلمه آصف انصاري، اسڪول ٽيچرز شازيه منڌرو، سلمه پروين بوهڙ ۽ مسرت شاهين پرهياڙ چيو ته ضلعي بدين جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ پهرين مرحلي تحت اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا منعقد ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ اسڪول سطح تي ڪاميابي حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين وچ ۾ ضلعي سطح تي مقابلا ڪرايا ويندا هنن وڌيڪ چيو ته سرڪاري اسڪولن جون شاگردياڻيون صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن کان به گهٽ ناهن، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته کين حوصلا افزائي، رهنمائي ۽ اڳتي وڌڻ جا مناسب موقعا فراهم ڪيا وڃن
بدين ۾ اسڪول سطح تي اسٽيم مقابلا جاري، گورنمنٽ گرلس پرائمري اسڪول رئيس عبدالجبار گوپانگ جي شاگردياڻين پاران سائنس، ٽيڪنالاجي جا تخليقي ماڊل پيش،
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
