ڪرمپور(رپورٽ شبير احمد جعفري) قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪنڌڪوٽ ۾ قبيلائي جهيڙن، خوني تڪرارن ۽ بدامنيءَ جي خاتمي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (SUP) پاران ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب اڳيان ٽي ڏينهن واري احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي، جتي امن جي بحالي ۽ قبيلائي جهيڙن کي ختم ڪرڻ لاءِ آواز بلند ڪيو پيو وڃي احتجاجي ڪئمپ جي اڳواڻي ايس يو پي ضلعي ڪشمور جي صدر ظريت ساگر بجاراڻي،ضلعي ڊويزن اڳواڻ سھيل احمد باجڪاڻي سئنير اڳواڻ لياقت علي کوسو صاحب سينيئر نائب صدر شاهنواز خان مريٽو، نائب صدر غلام علي سبزوئي، تعلقي ڪنڌڪوٽ جي صدر چوٽو خان جکراڻي، اصغر علي شيخ ۽ واجب جکراڻي فتح محمد سبزوئي سيد گلزار احمد شاهه امداد علي لاشاري آصف علي گولو منير احمد چاچڙ ذولفقار سجاد علي سومرو رضوان نوناري ڪئي.جساف ضلعي آڳواڻ عباس باجڪاڻي ايس ٽي پي اڳواڻ جيوڻ خان سبزوئي ٻين دوستن ۽ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته قبيلائي جهيڙن سبب ڪيترائي قيمتي انساني جان ضايع ٿي چڪا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ خوف ۽ بيچينيءَ واري صورتحال پيدا ٿي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته قبيلائي تڪرارن جي خاتمي لاءِ سنجيده ۽ اثرائتا قدم کنيا وڃن، امن امان قائم ڪيو وڃي ۽ انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران احتجاجي ڪئمپ ذريعي انتظاميا ۽ وس وارن ادارن کي اهو پيغام ڏنو پيو وڃي ته ڪنڌڪوٽ ۾ امن، ڀائيچاري ۽ رواداريءَ جي بحالي لاءِ عملي قدم کنيا وڃن، جيئن عوام بنا خوف جي زندگي گذاري سگهي.
قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
