قاضي احمد جي رهواسڻ صاحبه زال ديدار ملاح معصوم ٻارڙن سميت سڪرنڊ پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي پنهنجي مڙس تي مبينا تشدد ڪرڻ ۽ ٻارن سميت سندس خرچ نه ڏيڻ جا الزام هنيا آهن.
صاحبه صحافين کي ٻڌايو ته هن ديدار ملاح سان پسند جي شادي ڪئي هئي، پر شادي کان ڪجهه ڏينهن پوءِ مبينا طور کيس گهر مان ڪڍي ڪرائي جي گهر ۾ رهڻ تي مجبور ڪيو ويو، جتي سندس چوڻ موجب مٿس تشدد پڻ ڪيو ويندو رهيو.
هن دعويٰ ڪئي ته معاملو عدالت تائين پهچڻ کانپوءِ ڏير ۽ سهري جي فيصلي تحت کيس رهائش لاءِ هڪ ڪمرو ۽ ماهوار 15 هزار رپيا خرچ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پر سندس الزام موجب ان فيصلي تي عمل نه ڪيو ويو.
صاحبه وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته سندس مڙس مبينا طور نشي جي حالت ۾ پڻ مٿس تشدد ڪندو رهيو، جنهن سبب هوءَ سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهي آهي.
پريس ڪانفرنس دوران صاحبه اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته کيس طلاق نه گهرجي، پر سندس مڙس کي پابند ڪيو وڃي ته کيس عزت ۽ تحفظ سان پنهنجي گهر ۾ رکي ۽ معصوم ٻارڙن جي پرورش ۽ خرچ جي ذميواري پوري ڪري.
هن اختيارين کان اپيل ڪئي ته سندس شڪايت جو نوٽيس وٺي کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
