حيدرآباد (محبوب حسين. بزدار) ٽنڊوالهيار ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تيار ڪيل گٽر نالا بلديه عملي جي نا اهلي سبب اور ٽاپ شھر جا مختلف پاڙا روڊ ،گھٽيون ۽ مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج گٽرن جي گندي پاڻي سان ڀرجي ويا مجاھد ڪالوني ،پٺاڻ ڪالوني اسلم نظام ٽائون ،چمبڙ ناڪو تي ڪروڙين روپين جي لاڳت سان تيار ڪرايل گٽر نالا اور ٽاپ ٿي اٿلي پيا گٽرن جو گندو پاڻي مونو ٽيڪنيڪل ڪاليج ، گھرن ،گھٽين ۽ روڏن تي بيھجي ويو گندگي ۽ گٽر جي گندي پاڻي سبب مختلف بيماريون ڦهلجڻ جو خدشو شھري اسڪول ويندڙ ٻارڙا سخت پريشاني کي منھن ڏيڻ لڳا شھرين ڊيپٽي ڪمشنر ٽنڊو الهيار ميونسپل ڪميٽي چيئرمين کان مطالبو ڪيو آهي ته گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال ڪرائي شھر ۾ صفائي جي نظام کي بھتر بڻايو وڃي ته جئين شھري گندگي سبب جنم وٺندڙ بيمارين کان بچي سگھن
ٽنڊوالهيارڪروڙين روپين جي لاڳت سان تيار ڪرايل گٽر نالا اور ٽاپ ٿي اٿلي پيا
What’s your Reaction?
+1
+1
+1
+1
+1
Leave a Comment
