• انگلش
  • اردو
  • سنڏي
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ
  • فرنٽ پيج
  • تازھ ترين
  • پاڪستان
    سائنس ٽيڪنالاجي
    فون نمبر بدران يوزر نيم، واٽس ايپ نئون ۽ منفرد فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان

    ڪراچي: دنيا جي مشهور پيغام رساني واري ايپليڪيشن واٽس ايپ پنهنجي صارفين جي رازداري (پرائيويسي)…

    3 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو

    اسلام آباد: وفاقي وزارت آءِ ٽي پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

    نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ…

    2 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    واٽس ايپ جو اسٽيٽس فيچر چيٽ ٽيب ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو

    واٽس ايپ پنهنجي ميسيجنگ پليٽ فارم ۾ وڏي تبديلي آڻڻ جي تياري ڪري رهيو آهي،…

    1 Min Read
    سائنس ٽيڪنالاجي
    چيٽ جي پي ٽي ۾ خاموشي سان اهم تبديلي

    اوپن اي آءِ پنهنجي مشهور اي آءِ چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي ۾ هڪ…

    2 Min Read
  • دنيا
  • شوبز
Reading: فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن جون ڳالهيون رڪارڊ ڪري رهيو آهن؟
Share
پاڪ سوچ ميڊيا گروپپاڪ سوچ ميڊيا گروپ
Font ResizerAa
  • دنيا
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • رانديون
  • پاڪستان
Search
  • Home
    • Home 1
    • Home 2
    • Home 3
    • Home 4
    • Home 5
  • Categories
    • رانديون
    • شوبز
    • پاڪستان
    • دنيا
    • سائنس ٽيڪنالاجي
    • صحيت
  • Bookmarks
  • More Foxiz
    • Sitemap
Have an existing account? Sign In
Follow US
© 2022 Foxiz News Network. Ruby Design Company. All Rights Reserved.
سائنس ٽيڪنالاجي

فيسبڪ، واٽس ايپ ۽ انسٽاگرام واهپيدارن جون ڳالهيون رڪارڊ ڪري رهيو آهن؟

admin
Last updated: October 5, 2025 8:21 am
admin
Share
SHARE

ڇا توهان کي محسوس ٿئي ٿو ته انسٽاگرام توهان جي ڳالهين کي سمارٽ فون مائيڪ ذريعي ٻڌي رهيو آهي؟
جيڪڏهن ها ته ميٽا جي ملڪيت فوٽو شيئرنگ ايپ جي سربراهه ايڊم موسيري ان حوالي سان وضاحتي بيان جاري ڪيو آهي.
هن پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ ۾ اهڙن خيالن کي سختي سان رد ڪيو ته سوشل ميڊيا پليٽفارم واهپيدارن جون ڳالهيون ٻڌي ٿو ته جيئن ان موجب اشتهار ڏيکاري سگهي.
هونئن اِهو پهريون ڀيرو ناهي، ميٽا بابت اڪثر اهڙي قسم جا افواهه گردش ڪندا رهندا آهن ته هيءَ ڪمپني واهپيدارن جي فونز ذريعي سندن ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪري ٿي ۽ ڪمپني ڪيئي ڀيرا اهڙن افواهن کي رد ڪري چڪي آهي.
ايڊم موسيري جو بيان ان وقت سامهون آيو جڏهن ميٽا ڪمپني اعلان ڪيو ته هو پنهنجي سڀني سوشل ايپس ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) اسسٽنٽ سان ٿيندڙ چيٽس جي ڊيٽا کي ٽارگيٽيڊ اشتهارن لاءِ استعمال ڪندي.
سولن لفظن ۾ ميٽا کي فون جي مائيڪروفون ذريعي توهان جون ڳالهيون رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي، ڇو ته ان وٽ اڳ ۾ ئي توهان بابت کوڙ ڊيٽا موجود هوندي آهي.
انسٽاگرام پوسٽ ۾ ايڊم موسيري چيو ته کيس ڪيترائي ڀيرا چيو ويو آهي ته ميٽا واهپيدارن جون ڳالهيون ٻڌي ٿي ۽ گهڻا ماڻهو يقين ئي نٿا ڪن ته ڪمپني ڪيئن توهان کي اشتهارن جو نشانو بڻائي ٿي.
ايڊم موسيري موجب، سندس زال به ان موضوع تي ساڻس بحث ڪري چڪي آهي.
ياد رهي ته اڪثر ائين ٿيندو آهي جو اسان ڪا شيءَ خريد ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪندا آهيون ۽ اوچتو ئي ان سان لاڳاپيل اشتهار فيسبڪ يا ٻين سائيٽن تي نظر ايندا آهن.
جنهن تي ڪيترن ماڻهن کي لڳندو آهي ته فيسبڪ سندن ڳالهيون ٻڌي ٽارگيٽيڊ اشتهار ڏيکاري رهيو آهي.
ميٽا ان دعويٰ جي مسلسل ترديد ڪندي آئي آهي، ڪمپني جو چوڻ آهي ته ان بهترين رڪومينڊيشنز لاءِ ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ جي ضرورت ناهي.
ايڊم موسيري چيو ته اهڙي قسم جي ڳالهه ٻولهه رڪارڊ ڪرڻ پرائيويسي جي سخت ترين ڀڃڪڙي هوندي ۽ اسان ائين نٿا ڪريون.
2016 ۾ ميٽا (جنهن وقت ان جو نالو فيسبڪ هو) هڪ بلاگ پوسٽ ۾ واضح طور چيو هو ته ان کي اهو طئي ڪرڻ لاءِ فون جي مائيڪروفون کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت ناهي ته ڪهڙا اشتهار واهپيدارن کي ڏيکاريا وڃن.
ڪجهه وقت اڳ آمريڪي ڪانگريس ۾ هڪ بريفنگ دوران ميٽا جي چيف ايگزيڪيوٽو مارڪ زڪربرگ به ان ڳالهه جي ترديد ڪئي هئي ته ڪمپني ان مقصد لاءِ واهپيدارن جو آڊيو ڊيٽا گڏ ڪري ٿي.
ايڊم موسيري پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته جيڪڏهن ميٽا فون جي مائيڪروفون کي استعمال ڪري ها ته واهپيدارن کي ان جو پتو لڳي وڃي ها، ڇوته فون جي اسڪرين جي مٿان لائيٽ ۾ ان جي نشاندهي ٿيندي ۽ فون جي بيٽري به تيزيءَ سان ختم ٿي وڃي ها.
هن وضاحت ڪئي ته ڪمپني جو رڪومينڊيشن سسٽم ايترو سگهارو انڪري آهي ڇو ته ان سان مختلف ڪمپنين طرفان واهپيدارن جي ويب سائيٽس وِزٽ ڪرڻ جو ڊيٽا شيئر ڪئي ويندي.
انهن تفصيلن سان ميٽا کي واهپيدارن بابت اشتهارن جو طئي ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي.
اهڙي ريت ڪمپني ماڻهن کي اهي اشتهار ڏيکاريندي آهي جيڪي ساڳين دلچسپين رکڻ وارن ٻين ماڻهن جي مزاج سان ٺهڪندڙ هوندا آهن.
الگورٿم تي ٻڌل اشتهاري ٽيڪنالاجي ميٽا کي پئسا ڪمائڻ واري مشين بڻائي ڇڏيو آهي.
ايڊم موسيري نشاندهي به ڪئي ته ڪڏهن ڪڏهن رڳو ٽيڪنالاجي ئي واهپيدار جي سوچ پٽاندڙ اشتهار ڏيکارڻ ۾ مدد نه ڪندي آهي، پر ڪڏهن اهو اتفاق سان ٿيندو آهي يا ڪجهه انساني نفسيات ان ۾ ڪردار ادا ڪندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪيترائي ڀيرا توهان اهو اشتهار فون جي سامهون ڳالهائڻ کان اڳ ڏسي چڪا هوندا آهيو پر ياد نه رهندو آهي، ڇو ته انسٽاگرام يا فيسبڪ تي تيزيءَ سان اسڪروول ڪندي اشتهار تيزيءَ سان گذري ويندا آهن، پوءِ جڏهن توهان ان موضوع تي ڳالهائيندا آهيو ۽ وري اهو اشتهار سامهون ايندو آهي ته توهان کي لڳندو آهي ته ميٽا فون کي آڊيو رڪارڊنگ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي يا اشتهار ياد نه هوندو آهي پر ان بابت ڳالهائڻ کانپوءِ ٻيهر ڏسڻ تي ائين لڳندو آهي.

What’s your Reaction?
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
+1
0
Facebook
Share This Article
Email Copy Link Print
Previous Article ڇا هيڊفون موبائيل جي بيٽري جلدي خالي ڪري ٿي؟
Next Article چارچنگ ۾ لڳائڻ باوجود فون چارج ڇو ناهي ٿيندي؟
Leave a Comment

Leave a Reply Cancel reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

سکر: پنوعاقل ۾ جوابدارن پاران گهر تي حملو، عورتن ۽ ٻارن مٿان تشدد جو الزام، متاثرين جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

سکر (بيورو رپورٽ): پنوعاقل جي علائقي سان تعلق رکيندڙ بروھي برادري جي مردن ۽ عورتن بااثر جوابدارن پاران زيادتين، تشدد،…

By admin
3 Min Read

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ…

September 4, 2026

گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول ڪيمپس ڀيلار ۾ جشنِ عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جي شاندار تقريب

سکر ( )گورنمينٽ گرلز هاءِ اسڪول…

September 4, 2026

سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري رٿ خلاف تاريخي ٺهراءُ منظور

سنڌ اسيمبلي جي هڪ وڏي ۽…

September 4, 2026

جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليهوآله وسلم جو عظيم الشان جلسو ۽دستار فضیلت ڪانفرنس منعقد

سکر: جشن عيد ميلاد النبي صلي…

September 4, 2026

سکر: يونين ڪميٽي 11 جي ڪائونسلر سميت ٻين جوابدارن خلاف ايف آءِ اي پاران جاچ جو حڪم

سکر: وفاقی تحقیقاتی ادارے (ایف آئی…

September 4, 2026

You Might Also Like

سائنس ٽيڪنالاجي

2026 جي شروعات ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ فون ايپل آئي فون 16 قرار

نئين رپورٽ موجب 2026 جي پهرين ٽه ماهي (جنوري کان مارچ) دوران دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ اسمارٽ…

2 Min Read
سائنس ٽيڪنالاجي

روزانو ڪيترا ماڻهو صحت بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي استعمال ڪن ٿا؟

اوپن اي آءِ جو مشهور ترين آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) چيٽ بوٽ چيٽ جي پي ٽي روزانو ڪروڙين ماڻهو استعمال…

2 Min Read
سائنس ٽيڪنالاجي

ڇا هيڊفون موبائيل جي بيٽري جلدي خالي ڪري ٿي؟

ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته هيڊفون سان به بيٽري جلدي ختم ٿي ويندي آهي؟بيٽري سمارٽ فونز جي دل آهي،…

1 Min Read
سائنس ٽيڪنالاجي

سنيپ چيٽ واهپيدارن لاءِ بُري خبر، مفت سروس ختم

مشهور سوشل ميڊيا ايپ ’سنيپ چيٽ‘ اعلان ڪيو آهي ته اها پنهنجي ”ميموريز” فيچر ۾ محفوظ ڪيل پراڻين تصويرن ۽…

2 Min Read
پاڪ سوچ ميڊيا گروپ

وڌيڪ

  • پاڪستان
  • شوبز
  • سائنس ٽيڪنالاجي
  • صحيت

پاڪ سوچ ڊجيٽل

  • يوٽيوب چينل
  • فيسبوڪ پيج
  • انسٽاگرام
  • ٽڪ ٽاڪ

پاڪ سوچ ميڊيا گروپ 

Welcome Back!

Sign in to your account

Username or Email Address
Password

Lost your password?